اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران ??زيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ خاص طور تي والاريل فلسطيني علائقن ۾ انساني حقن جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي پاڪستان جي موقف کي اجاگر ڪن??ي مسلمان امت کي درپيش اسلامو فوبيا جهڙن مسئلن کي منهن ??يڻ جي لاءِ خاص طور تي او آءِ سي جي ذريعي ويجهي ۽ گڏيل طور تي ڪم جاري رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب نگران ??زيراعظم وچ اوڀر ۽ اتر آفريقا (مينا) خطي جي مسلمان ??لڪن جي سفيرن سان ??انجهاندي تي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بحرين، مصر، عراق، اردن، ڪويت، لبنان، ليبيا، مراڪش، عمان، فلسطين، سعودي عرب، شام، گڏيل عرب امارات ۽ يمن جا سفير موجود هئا. ملاقات ۾ نگران ??رڏيهي وزير، نگران ??زيراعظم جو سيڪر??ٽر?? ۽ پرڏيهي سيڪر??ٽر?? پڻ موجود هئا. نگران ??زيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪستان جي مسلمان دنيا خاص طور تي مينا خطي جي ملڪن سان ڀائراڻن لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو. هن ??يو ته اهي لاڳاپا گڏيل اعتماد، گڏيل افهام تفهيم، ٻطرفي ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي معاملن تي ويجهي تعاون تي ٻڌل آهن. نگران ??زيراعظم ڪيترن ئي معاملن خاص طور تي والاريل فلسطيني علائقن ۾ انساني حقن جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي پاڪستان جي موقف بابت آگاهه ڪيو. مسلمان دنيا کي درپيش ٻين چئلينجز جهڙوڪ اسلامو فوبيا تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نگران ??زيراعظم مسلمان امت کي انهن مسئلن کي منهن ??يڻ جي لاءِ خاص طور تي او آءِ سي جي ذريعي ويجهي ۽ گڏيل طور تي ڪم جاري رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. نگران ??زيراعظم اسلام آباد ۽ انهن جي لاڳاپيل گادي وارن شهرن جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپا قائم ڪرڻ جي ڪوششن تي سفيرن کي ساراهيو. سفيرن نگران ??زيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ پاڪستان سان ??طرفي لاڳاپن کي ا??تي وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪيو جنهن مسلمان دنيا ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.