اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ذهني صحت جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قومي سطح تي پاليسي ٺاهڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ جي 24 سيڪڙو آبادي کي ذهني صحت جا مختلف مسئلا درپيش آهن، ذهني صحت جي خدمتن جي فراهمي جي لاءِ اداراجاتي فريم ورڪ قائم ڪرڻو پو??دو، نفسياتي مسئلن تي ض??بطو آڻڻ جي لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ض??ورت آهي. هو ذهني صحت بابت اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ صحت واري نگران وفاقي وزير سميت صوبائي کاتن ۽ نفسياتي صحت تي ڪم ڪ??دڙ ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ قومي صحت واري وزارت پاران ذهني صحت جي ايپ ”همراز“ تي روشني وڌي وئي. شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته اپريل 2023ع ۾ ۾ قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين 240000 کان وڌيڪ ڪالز موصول ٿي چڪيون آهن. صدر ذهني صحت جي خدمتن جي فراهمي لاءِ همراز ايپ قائم ڪرڻ کي ساراهيو ۽ ذهني صحت تي معاونت جو نظام بهتر ڪرڻ ۽ همراز ايپ موثر بڻائڻ تي زور ڏنو. صدر چيو ته ذهني صحت پاڪستان جي لاءِ هڪ اهم مسئلو آهي، سرڪاري ۽ نجي شعبن جي مهارت استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ ??وس ڪوششن جي ض??ورت آهي، ذهني صحت بابت سمورن قدمن تي هڪ ??وس موقف اختيار ڪرڻو پو??دو. صدر پيشيور ماڻهن جي کوٽ ختم ڪرڻ جي لاءِ آن لائين تربيت، انساني وسيلن جي صلاحيت ۾ اضافي ۽ آگاهي پيدا ڪرڻ جي ض??ورت تي زور ڏنو. اجلاس ۾ نفسياتي معاونت فراهم ڪرڻ، مسئلن کي منهن ڏيڻ ۾ خاندان جي ڪردار تي روشني وڌي. اجلاس ۾ لاڳاپيل وزارتن، آمريڪا ۽ برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني نفسياتي تنظيمن سميت مختلف ڌرين جي مدد سان ??وس موقف جي ض??ورت تي پڻ زور ڏنو. صحت واري نگران وفاقي وزير صحت جي مختلف مسئلن بابت شعور اجاگر ڪرڻ ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ خاتون اول جي ڪردار کي ساراهيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته ايوان صدر جي قائم ڪ??ل روايت برقرار رهندي ۽ ان تي عمل جاري رکيو ويندو.