اسلام آباد – 15 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جنگي اخلاقيات تي دنيا پاران ٻٽي معيارن ۽ غزه ۾ ٻار?? جي قتل جي عجيب ۽ غريب ۽ غيرحقيقي جواز کي رد ڪندي چيو آهي ته فلسطين ۾ اسرائيلي ڏاڍ جو مثال قرون وسطيٰ جي دور ۾ پڻ نٿو ملي. هو اسلام آباد پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي اهتمام هيٺ سالياني مارگلا ڊائيلاگ کي خطاب ڪري رهيو هو جنهن جو موضوع ”اڀرندڙ عا??مي ماحول: اسا?? جي مستقبل جي لاءِ رخ جو تعين“ هو. نگران وزيراعظم چيو ته اسرائيلي فوج اسپتالن ۾ مريضن ۽ ڪمزورن کي نشانو بڻائي رهي آهي، ٻارن جو قتل ڪري رهي آهي، اسرائيلي ٻار?? جي موت جو حوالو ڏيندي اسرائيلي قدمن ۽ دفاع ڪندڙ ڪجهه سفارتڪارن سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏيندي هن ان دليل تي پنهنجي حيرت جو اظهار ڪندي چيو ته اسرائيلي ڪاوڙ کي ٿڌو ڪرڻ ۽ ان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪيترن فلسطيني ٻارن کي قتل ڪرڻو پوندو؟ هن چيو ته هيستائين 4700 ٻارن کي قتل ڪيو ويو آهي، هو پنهنجي تسڪي?? جي لاءِ وڌيڪ ڪيترن فلسطيني ٻارن کي قتل ڪندا. هن چيو ته حضرت موسيٰ جا پيروڪار هجڻ جي دعويدارن پاران فرعو?? جي نقش قدم تي هلندي معصوم ٻارن جو قتل عام ناقابل قبول ??هي. هن واضح ڪيو ته ڪنهن به ٻار جو قتل مذمت جوڳو ??هي. نگران وزيراعظم جيڪو آءِ پي آر آءِ جي بورڊ جو ميمبر پڻ رهي چڪو آهي، هن ڀارت سميت خطي جي ملڪن سان رابط?? جي امڪانن تي روشني وجهندي چيو ته پاڪستان ڀار?? سان واپاري رابطا قائم ڪرڻ کان ڪڏهن به پٺتي ناهي هٽيو جڏهن ته گڏيل فائد?? جي لاءِ ٿيندڙ واپار خيرات نه هجڻ گهرجي. جڏهن ته هن چيو ته اهڙي طرح جي رابطن کان ??ڳ، ڪشمير تڪرار تي ڳالهه ڪرڻ ضروري آهي ڇو ته ان مسئلي کي حل ڪرڻ کانسواءِ موجوده ڀارتي حڪوم?? سان معمول جا لاڳاپا رکڻ هڪ چئلينج ??هي. هن چيو ته ڪشمير مسئلي جو ڪشميري عوام جي امنگن موجب حل ڌيان جو گهرجائو آهي ڇو ته واعدن ۽ گڏيل قوم?? جي ضمانت?? جي باوجود ڪشميرين کي انه?? جي خودمختياري جو حق نه ملي سگهيو، ان مسئلي کي التوا ۾ رکڻ ڪو حل نه ??هي. ڀارتي سماج کي متاثر ڪندڙ هندوتوا نظريي جو حوالو ڏيندي هن چيو ته اهڙيون پاليسيون تباهي جو نسخو آهن. هن چيو ته ڀارت ۾ جاري ظلم ۽ ڏاڍ جي ابتڙ پاڪستان ۾ اقليتن جون پاڙون گهريون ۽ اهي ٻين قوميتن وانگر پاڪستاني آهن. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي نان اسٽيٽ ايڪٽرز جو چئلينج درپيش آهي پر ملڪ ڪنه?? جي مدد کانسواءِ ان کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هن چيو ته چين دنيا جي ٻي وڏي معيشت بڻجي اڀريو ??هي. هن چيو ته ڀارت جي ابتڙ پاڪستان ڪڏهن به تڪرارن کي هوا ناهي ڏني. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان پنهنجي زميني ۽ معدني وسيل?? جي صلاحيتن مان فائدو کڻندي پنهنجي معيشت کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ تيار آهي ۽ نوجوان?? جي هڪ وڏي آبادي جي توانائين کي استعمال ڪرڻ جي ضرورت ??هي. هن چيو ته انساني وسيلن ۽ فني مهارت جي حوالي سان پاڪستان ۾ گهٽ سيڙپڪاري ڪئي وئي. ماحولياتي تبديلين جو ذڪر ڪندي هن چيو ته اهو هڪ جارحيت جي چئلينج کان به وڌيڪ هڪ وجودي خطرو بڻجندو پيو وڃي ڇو ته پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ ڪجهه ننڍن تڪرارن کان به وڌيڪ تباهي ڪئي آهي، ان چئلينج تي ڪو هڪ ملڪ اڪيلي سر ضابطو نٿو آڻي سگهي. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت قابل تجديد توانائي ۽ ٻين شعبن ۾ منصوبا جوڙي رهي آهي جنه?? جي لاءِ عا??مي هم آهنگي ۽ تعاو?? جي پڻ ضرورت آهي ڇو ته پاڪستان ملڪي، علائقائي ۽ عا??مي سطح تي ڳالهه ٻولهه کي متحرڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو ??هي. ان کان اڳ آءِ پي آر آءِ جي صدر سفير رضا محمد ٻڌايو ته ڊائيلاگ ۾ ڇهه فورمز هئا. ان تقريب ۾ آءِ پي آر آءِ جي تازي اشاعت ”ڀارت ۾ اقليتن تي ظلم ۽ ڏاڍ“ پڻ جاري ڪئي جنهن ۾ ڀارتي اقليتن تي ڪيل ظلم ۽ ڏاڍ کي اجاگر ڪيو ويو جن کي اتي هڪ مشڪل وقت کي منهن ڏيڻو پيو. هن نگران وزيراعظم کي ان ڪتاب جي هڪ ڪاپي پڻ پيش ڪئي.