اسلام آباد – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ??ين??ئر صحافي حنيف خالد جي صحافتي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته حنيف خالد صحافتي برادري جو روشن ستارو آهي، هو نه رڳو صحافين جو نمائندو آهي پر بزنس ايمبيسڊر پڻ آهي، حنيف خالد پنهنجو اهو ڪردار بهتر طريقي سان نڀايو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري پاران ??ين??ئر صحافي حنيف خالد کي لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ڏيڻ و??ري تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري پڻ موجود هو. اطلاعات و??ري نگران وفاقي وزير چيو ته حنيف خالد صحافتي برادري جو روشن ستارو آهي، سندس صحافتي خدمتن جو اعتراف ڪرڻ تي اسلام آباد چيمبر جو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته حنيف خالد جو اڌ صديءَ تي ٻڌل انتهائي شاندار صحافتي سفر آهي. هو صحافين جو نمائندو هجڻ سان گڏوگڏ بزنس ايمبيسڊر پڻ آهي، هن اهو ڪردار بهتر طريقي سان نڀايو آهي. هن چيو ته ڪو ايوارڊ حنيف خالد جي خدمتن جي قيمت ادا ??ه ٿو ڪري سگهي. اسان جي ڪوشش هوندي ته کيس اڳئين اعليٰ ايوارڊ جي لاءِ ن??مزد ڪريون.