اسلام آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري نگران وفاقي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته پاڪستان ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪن جي ??نظيم آسيان سان لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان ۽ آسيان کي موسمياتي تبديلي جي چئلينجن سميت ڪيترائي مسئلا درپيش آهن، آسيان سان مڪمل ڊائيلاگ پارٽنرشپ چاهيون ٿا. اهڙن خ??ال?? جو اظهار هن انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽج?? اسٽڊيز اسلام آباد (آءِ ايس ايس آءِ) ۾ آسيان ڪارنر جي ??فتتاح جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب کي اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري (آءِ ايس ايس آءِ) جي ڊائريڪٽر جنرل سهيل محمود، ملائيشيا جي هاءِ ڪمشنر محمد اظهر مزلان، انڊونيشيا جي ??فير ايڊم ايم ٽوگيو، ويٽنام جي ??فير نگوين ٽين ڦونگ، ٿائيلينڊ جي ??فير چڪريڊ ڪراچائي وونگ کانسواءِ آسيان جي ٻين ملڪن جي ??فارتڪارن، پرڏيهي وزارت جي ??رم راٺور، انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽج?? اسٽڊي جي ??ي او ڊي جي چيئرمين سفير خالد محمود، ڊائريڪٽر ڊاڪٽر طلعت شبير ۽ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي ??سسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر محمد شعيب خطاب ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي نگران پرڏيهي وزير چيو ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبو (سي پيڪ) علائقائي رابطن جي لاءِ تمام اهميت رکندڙ آهي، پاڪستان آسيان جي ??مورن ملڪن سان گڏيل فائدي تي لاڳاپن جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي کان متاثر سرفهرست ملڪن ۾ شامل آهي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته سارڪ تنظيم کي آسيان جي ??رز تي ٺاهيو ويو هو. جيتوڻيڪ ڀارتي رويي سارڪ کي غيرفعال بڻائي ڇڏيو آهي. پاڪستان آسيان سان اصولن جي مرڪزيت جي مڪمل حمايت ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان تازو ئي آسيان ملڪن جي ??فارتڪارن جي لاءِ تربيتي پروگرام منعقد ڪيو. هن چيو ته امن ۽ سلامتي جي لاءِ سماجي ۽ اقتصادي ترقي ضروري آهي. پاڪستان بلاڪ پوليٽڪس کان پري رهڻ چاهي ٿو ۽ هو ملٽي ليٽرلزم تي يقين رکي ٿو. جليل عباس جيلاني چيو ته پرامن ايشيا پيسفڪ پاڪستان جي ??رجيح آهي ۽ هو آسيان ملڪن سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪري رهيو آهي. آسيان ڪارنر جي ??فتتاح جي موقعي تي پاڪستان ۽ آسيان جي لاڳاپن کي وڌائڻ ۽ مستقبل جي ??مڪانن جي ڳولا جي موضوع تي ٿيندڙ گول ميز ڪانفرنس جو اهتمام انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽج?? اسٽڊيز جي چ??ئن?? پا?? اسٽڊي سينٽر ڪيو ويو. جنهن ۾ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ آسيان جي ??فيرن کانسواءِ ٻين اهم شخصيتن به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پنهنجي ??طاب ۾ اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، نگران پرڏيهي وزير ۽ ٻين شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته آسيان جو عالمي امن ۽ سلامتي ۾ اهم ڪردار آهي. 1967ع ۾ پنهنجي قائم ٿيڻ کان آسيان جو علائقائي تعاون ۾ ڀرپور ڪردار رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ آسيان جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيو آهي، جنهن کي وڌيڪ وڌائڻ جي ??رورت آهي. پاڪستان ۾ ملائيشيا جي هاءِ ڪمشنر ۽ آسيان ڪميٽي اسلام آباد جي چيئرمين محمد اظهر آسيان ڪارنر قائم ٿيڻ کي ساراهيندي چيو ته ان سان پاڪستان ۽ آسيان جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌائڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته پاڪستان ۽ آسيان موسمياتي تبديلي ۽ ٻين چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا. تقريب کي انڊونيشيا جي ??فير ايڊم ايم ٽوگيو به خطاب ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ آسيان کي آءِ ٽي ۽ اقتصادي شعبي ۾ به تعاون وڌائڻ گهرجي. ان موقعي تي خطاب ڪندڙن چيو ته آسيان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ پراڻا لاڳاپا قائم آهن جن کي وڌائڻ جي ??رورت آهي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته پاڪستان ۽ آسيان جي وچ ۾ لاڳاپا اقتصادي تعاون ۽ علائقائي استحڪام جي ??نياد تي قائم آهن. ڏکڻ ايشيا ۽ وچ اوڀر جي وچ ۾ هڪ پل طور تي پاڪستان جي ??سٽريٽجڪ بيهڪ مختلف خطن ۾ واپار ۽ رابطن تي آسيان جي ڌيان جي ??ڪميل ڪري ٿو. پاڪستان ۽ آسيان جي وچ ۾ گڏيل تعاون مختلف شعبن تائين ڦهليل آهي، جيڪو صنعت، سيڙپڪاري، زراعت، تعليم، س??ئن?? ۽ ٽيڪنالاجي، سياحت ۽ دهشتگردي جي ??اتمي جي ڪوششن، اقتصادي ترقي ۽ علائقائي سلامتي جي لاءِ پنهنجي ??زم کي سگهه ٿو. آسيان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ حصيداري ايشيائي خطي ۾ امن ۽ سلامتي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ لازمي آهي. جاگرافيائي فاصلي جي ??اوجود آسيان ۽ پاڪستان گذريل ڪيترن ئي سالن ۾ هڪ مضبوط ۽ گڏيل طور تي فائديمند لاڳاپن کي هٿي وٺرائي رهيو آهي. پاڪستان جي ”ويزن ايسٽ ايشيا“ پاليسي آسيان ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ??زم جي ??ڪاسي ڪري ٿو. جڏهن ته آسيان پاڪستان کي پنهنجي ٻاهرئين لاڳاپن ۾ هڪ اهم حصيدار طور اهميت ڏي ٿو. ٻئي ڌريون سفارتي لاڳاپن ۾ اضافي، گڏيل منصوبن ۽ عوامي رابطن جي مٽاسٽا جي ??ريعي گڏيل رابطن کي مضبوط بڻائي رهيو آهي. عالمي چئلينجن کي منهن ڏيندي آسيان پاڪستان لاڳاپا علائقائي تعاون ۽ هڪ مستحڪم ۽ خوشحال ايشيا جي لاءِ گڏيل امنگن جو ثبوت آهي. افتتاحي تقريب کانپوءِ گول ميز مباحثي ۾ آسيان ملڪن جي ??فارتڪارن، پاڪستان جي ??ينيئر عملدارن ۽ ڪاروباري نم??ئن??ن به شرڪت ڪئي. ان کان اڳ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني اسلام آباد ۾ مشنز جي ??ربراهن سان آسيان ڪارنر جي ??ختيءَ جي نقاب ڪشائي ڪئي. تقريب جو مقصد آسيان سان پاڪستان جي ??دلجندڙ لاڳاپن جو تجزيو ڪرڻ هو. انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽج?? اسٽڊيز ۾ آسيان ڪارنر قائم ٿيڻ سان آسيان جي ميمبر ملڪن سان پاڪستان جي ??صيداري کي اپ گريڊ ڪرڻ جي لاءِ پاليسي سفارشون تيار ڪرڻ ۽ اڳڀرائي ڪرڻ ۾ مدد ملندي.