اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسرائيل پاران سنگين جنگي ڏوهن جي ارتڪاب تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسرائيل هڪ اسپتال ت?? حملو ڪري سڀني عالمي ۽ اسلامي اصولن کي پائمال ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي غزه ۾ اسپتال تي وحشياڻي اسرائيلي فضائ?? حملي جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت ڪيترن ئي ماڻهن جي مارجي وڃڻ جي واقعي جي مذمت ڪئي. صدر جو اسرائيلي فضائ?? حملي جي نتيجي ۾ معصوم جانين جي نقصان تي پنهنجي شديد ا??سوس ۽ ڏک جو اظهار ڪيو. صدر چيو ته اسرائيل شهري آبادين ۽ صحت جي سهولتن کي بنا فرق جي نشانو بڻائي رهيو آهي، عالمي برادري اسرائيل کي ان جي جنگي ڏوهن تي جوابده بڻائي ۽ اسرائيلي بمباري ۽ غزه جي جاري گهيراءُ کي ??ور?? طور تي روڪڻ جي لاءِ ??ور?? طور تي قدم کڻي.