اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم ان??ار??لحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پي آءِ اي ۽ خساري جي شڪار ٻين ??رڪاري ملڪيتي ادارن جي نجڪاري جي عمل کي و??يڪ تيز ڪيو وڃي، ملڪ معاشي مشڪلاتن جو شڪار آهي ۽ قومي ادارن جو خسارو انهن مشڪلاتن ۾ اضافي جو سبب ??ڻج?? رهيو آهي، خساري جي ذميواري جو تعين ڪرڻ تمام ضروري آهي تهجيئن ان جي تدارڪ جي لاءِ قدم کڻي سگهجن، نجڪاري جي عمل جي شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم ان??ار??لحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ پي آءِ اي جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نجڪاري واري نگران وفاقي وزير فواد حسن فواد، نگران وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، لا??اپ??ل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز جي مالي صورتحال ۽ نجڪاري جي عمل جي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ ايندڙ سمورين ??ڪاوٽن کي ختم ڪيو ويو آهي. نگران وزيراعظم پي آءِ اي جي معاملن تي فيصلاسازي ۾ دير تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته قومي ايئرلائين ??ي نجڪاري جي عمل کي شفاف ۽ تيز ڪيو وڃي ته جيئن ملڪي خزاني کي و??يڪ نقصان کان بچائي سگهجي. نگران وزيراعظم چيو ته ملڪ معاشي مشڪلاتن جو شڪار آهي ۽ قومي ادارن جو خسارو انهن مشڪلاتن ۾ اضافي جو سبب ??ڻج?? رهيو آهي، عوام جي ٽيڪسن سان انهن ادارن جو خسارو پورو ڪرڻ وڌيڪ ممڪن نه آهي، پي آءِ اي ۽ خساري جي شڪار ٻين ??رڪاري ادارن جي نجڪاري جي عمل کي و??يڪ تيز ڪيو وڃي. هن چيو ته هوابازي شعبي جي سڌارن سان عوام کي بهترين ??فري سهولتون فراهم ڪري سگهبيون. خساري جي ذميوارن جو تعين ڪرڻ تمام ضروري آهي ته جيئن ان جي تدارڪ جي لاءِ قدم کڻي سگهجن. نگران وزيراعظم چيو ته نجڪاري جي عمل جي شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي.