اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان اسرائيلي جارحيت کان متاثر ??زه جي ماڻهن جي لاءِ امداد موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري ??يا?? موجب ??زه جي پٽيءَ ۾ انڌاڌنڌ اسرائيلي جارحيت ۽ گهيراءُ جي ڏس ۾ ڳُتيل آبادي ??زه ۾ اڳ کان ئي ظلم ۽ ڏاڍ جي شڪار عوام کي انساني امداد جي فوري ضرورت آهي. ??يا?? موجب ??زه ۾ ٿيندڙ انساني الميي جي ڏس ۾ پاڪستان حڪومت فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن جي ڏکن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ فوري طور تي انساني بنيادن تي امداد ??زه روانو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ??يا?? ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت فلسطيني هلال احمر سوسائٽي، گڏيل قومن جي لاڳاپيل ايجنسين، مصر حڪومت ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني مشنز سان هم آهنگي ڪري رهي آهي ته جيئن پهچ جي طريقن کي حتمي شڪل ڏئي سگهجي.