پشاور – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ??اڪ?? اڳوڻي صدر غلام اسحاق خان ۽ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جي شهيد ڪمانڊنٽ صفوت غيور جي قبرن تي فاتحه خواني ڪئي. پشاور جي دوري دوران نگران وزيراعظم اڳوڻي صدر غلام اسحاق خان جي قبر تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ مرحوم جي درجن جي بل??دي لاءِ دعا ڪئي. نگران وزيراعظم فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جي شهيد ڪمانڊنٽ صفوت غيور کي خراج عقيدت پيش ??رڻ جي لاءِ سندس قبر تي ويو، فاتحه خواني ڪئي ۽ گلن جي چادر چاڙهي. ان موقعي تي فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جي دستي شهيد صفت غيور کي سلام?? پڻ پيس ڪئي. نگران وزيراعظم انوارالحق ??اڪ?? شهيد صفت غيور کي خراج عقيدت پيش ڪ??دي ملڪ ۽ قوم جي لاءِ سندس خدمتن کي ساراهيو. هن چيو ته شهيد صفوت غيور هڪ عظيم مقصد جي لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو، اسان ملڪ جي حفاظت جي لاءِ جانين جا نذرانا ??يش ڪندڙ شهيدن جا مقروض آهيون جن پنهنجا فرض سرانجام ۾ پنهنجون جانيون قربان ڪيون.