اسلام آباد-12 آڪٽوبر (اي پي پي) انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽيڊيز اسلام آباد (آءِ ايس ايس آءِ) ۾ انڊيا اسٽيڊي سينٽر ڄمون ڪشمير لاءِ او آءِ سي سيڪريٽري جنرل جي سياسي معاملن واري خصوصي نمائندي جي اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل يوسف الدوبي سان هڪ گول ميز مباحثي جي ميزباني ڪئي. آءِ ايس سي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر خرم عباس وفد جي آجيان ??ند?? ڄمون ڪشمير تڪرار تي پاڪستان جي موقف جي او آءِ سي جي مسلسل حمايت جو ذڪر ??ند?? چيو ته او آءِ سي ڄمون ڪشمير جي عوام لاءِ سدائين مضبوط آواز اٿاريو آهي. ٻين شرڪت ڪندڙن ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اڳوڻي ڪنوينر غلام محمد صفي، آزاد ڪشمير جي اڳوڻي وزير فرازانه يعقوب، ڪشمير انسٽيٽيوٽ آف انٽرنيشنل افيئرز جي چيئرمين الطاف حسين واني، اڳوڻي سفير ۽ اڪيڊمڪس آءِ پي ايس جي وائيس چيئرمين سيد ابرار حسن، تعليمي ??اهرن ۽ يونيورسٽي جا شاگرد شامل هئا. اڳوڻي گهرو سيڪريٽري ۽ ڊي جي آءِ ايس ايس آءِ سهيل محمود وفد جي آجنيا ??ند?? ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان او آءِ سي جي باني ميمبر جي حيثيت سان ڪهڙي طرح اهم ڪردار ادا ??ري رهيو آهي، فلسطين جي موجوده صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ??ند?? ايمبيسڊر سهيل محمود چيو ته فلسطين ۽ ڪشمير گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا جا 2 قديم ترين تڪرار آهن، ٻئي تڪرار خود اراديت جي فتح نه ٿيڻ جوڳي حق بابت آهن ۽ ٻنهي قابض طاقتن جي هٺ ڌرمي سبب حل طلب آهن، هن چيو ته او آءِ س?? گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشميرين ج?? خودمختياري واري حق جي مسلسل ۽ واضح حمايت ڪئي آهي، ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال جو ذڪر ??ند?? هن خاص طور تي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته دنيا ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ علائقي جي آبادياتي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ لاءِ هڪ ناپاڪ ڊزائين لاڳو ڪرڻ کي ڏسي رهي آهي جيڪا عالمي ??انونن ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي خلاف ورزي آهي. هن وفد تي زور ڀريو ته هو ڄمون ڪشمير تي او اءِ سي جي ايڪشن پلان تي عملدرآمد ڪري جيڪو اسلام آباد ۾ مارچ 2022ع ۾ پرڏيهي وزيرن جي 48 هين ڪائونسل دوران منظور ڪيو ويو هو ۽ ڄمون ڪشمير جي تڪرار تي او آءِ سي جي قراردادن کي وقت سان گڏوگڏ منظور ڪيو ويو هو. خاص نمائندي يوسف الدوبي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ڄمون ڪشمير جي تڪرار جي حوالي سان بيداري پيدا ??رڻ جي سخت ضرورت آهي جنهن سان سڄي دنيا ۾ مسلمانن جو تعلق آهي. هن ڪشمير ڪاز لاءِ او آءِ سي جي مستقل حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته او آءِ سي ڪڏهن به ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ علائقي ۾ ڀارت جي غير قانوني قدمن جي حمايت ناهي ڪئي. هن او آءِ سي جي مطالبي کي ورجايو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارتي حڪومت طرفان کنيل قدمن کي واپس ورتو وڃي. شرڪت ڪندڙن ڪشميرين ج?? خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن کي فعال طريقي سان پيروي ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو. آءِ ايس ايس آءِ جي چيئرمين ايمبيسڊر خالد محمود ڄمون ڪشمير جي ماڻهن لاءِ او آءِ سي جي تاريخي ۽ ثابت قدم حمايت کي ساراهيندي سيشن جي پڄاڻي ڪئي.