اسلام آباد – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي قرآن ۽ سنت جي روشني ۾ ??عا??ي پاليسيون جوڙڻ تي زور ڏيندي ??يو آهي ته اسلام دولت جمع ڪرڻ کي زهر قرار ڏنو آهي، قومون ٻٽي معيار سان نه پر درگذر سان ٺهنديون آهن، دنيا هڪ سٺي اخلاقي معيار جي ڳولا ۾ آهي، جن ??عا??رن ۾ انصاف قائم هجي، درگذر هجي ۽ غريب جو خيال رکيو وڃي اهي ??عا??را ڪامياب ٿين ٿا، حضور ﷺ جي زندگي اسان سڀني جي لاءِ هڪ بهترين نمونه حيات آهي، اسان کي عمل طرف اڳتي وڌڻو پوندو. هو مذهبي معاملن واري وفاقي وزارت جي اهتمام هيٺ سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس ۾ ”ملڪي ??عا??ي استحڪام جي لاءِ حڪمت عملي…. سيرت النبي ﷺجي روشني ۾“ جي عنوان سان پڄاڻي واري ويهڪ کي خطاب ڪري رهيو هو. مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير انيق احمد، وفاقي ڪابينا جي ميمبرن، پرڏيهي سفيرن، اهم عالم سڳورن جو وڏو انگ تقريب ۾ شريڪ هو. صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي ??يو ته حضرت محمد ﷺ دنيا ۾ ايترو وڏو انقلاب آندو جيڪو قيامت تائين پنهنجو اثر رکندو. هن ??يو ته ??عا??رتي اصولن سان گڏوگڏ اخلاقي اصولن تي قائم ??عا??را ترقي ڪن ٿا. هن ??يو ته قرآن پاڪ ۽ سنت رسول ﷺ قيامت تائين ايندڙن جي لاءِ هدايت جو سرچشمو آهي. هن ??يو ته الله تعاليٰ اسان جون ذميواريون به لڳايون آهن ??هڙ??ڪ نماز قائم ڪرڻ، رزق حاصل ڪرڻ، زڪوات خيرات ڪرڻ شامل آهي، حضور ﷺ الله تعاليٰ جو پيغام کڻي آيا ته الله هڪ آهي ۽ شرڪ نه ڪريو، پاڻ ﷺ انصاف جو نظام قائم ڪيو، غريب جي ٻڌي. هن ??يو ته سيرت النبي ﷺ مان اسان کي خبر پوي ٿي ته پاڻ ﷺ به اشرافيه، ظلم ۽ ڏاڍ جي باوجود هڪ ٽيم ٺاهي ۽ هڪ انقلاب آندو جيڪو پوري دنيا تي ڇائنجي ويو. هن ??يو ته اڄ به اسان کي اهڙي طرح جي جذبي، تحريڪ ۽ ايثار جي ضرورت آهي. صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي ??يو ته اسلامي ??عا??ري ۾ سدائين کان غريبن ۽ بي سهارا ماڻهن جو خيال رکيو ويو ۽ انصاف يقيني بڻايو ويو. پاڻ ﷺ سدائين تلقين ڪئي ته حڪمران پنهنجا دروازا سدائين کليل رکن، پنهنجي زندگي جو معيار اتان جي عوام موجب بڻائين ۽ غريبن جو خيال رکن. هن ??يو ته گذريل هفتي هڪ ڪتاب جي مطالعي دوران پڙهيو ته ڪنهن اسلامي رياست قانون نه ٺاهيو پر اتان جي ماڻهن جي مسئلن موجب قرآن ۽ سنت جي روشني ۾ فيصلا ڪيا ويا جيڪي بعد ۾ قانون جي شڪل اختيار ڪري ويا. هن ??يو ته 18 هين صديءَ ۾ 10 لک ماڻهن جو قتل ٿيو، عالمي جنگيون لڳيون ۽ جيڪي ڪيترائي سال هلنديون رهيون، اهو سڀ ڪجهه اتي ٿيو جتي جمهوريتون هلي رهيون هيون. هن ??يو ته درگذر کانسواءِ گهر، ڀاءُ، خاندان، ??عا??رو، ملڪ ۽ قومون ناهن ٺهنديون، درگذر جي ذريعي ئي سڀني کي ڳنڍي سگهجي ٿو. طاقت سدائين خراب ڪري ٿي. هن ??يو ته منهنجو ايمان آهي ته دنيا واپاري اخلاقيات، زبان جي سچي ۽ پڪي ماڻهن جي ڳولا ۾ آهي. هن ??يو ته اسلام عورت کي درجو ڏنو آهي، وراثت ۾ ان جو حق آهي پر پاڪستان ۾ اڃا به وراثت ۾ عورتن جي حق ۾ ڪن??وسي نظر اچي ٿي. عورتن کي اڳتي وڌڻو پوندو ۽ ملڪي معيشت ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن ??يو ته بنا علم جي دنيا ۾ مقابلو نه ٿو ڪري سگهجي، اسان کي هر سطح تي ان تي ڪم ڪرڻو پوندو، هن وقت به 2 ڪروڙ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، اسان سڀني کي گڏجي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو پوءِ ئي اسان صحيح رخ ۾ اڳتي وڌنداسين.