اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري ن??ران وفاقي وزير مدد علي سنڌي پاڪس??ان جي آزادي تحريڪ ۾ چوڌري رحمت علي ۽ قاضي محمد عيسيٰ جي ڪوششن کي ??اراهيندي چيو آهي ته انهن اڳواڻن آزادي جي تحريڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، پاڪس??ان قائم ٿيڻ ۾ انهن جي خدمتن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي، اهي پاڪس??ان جا هيرو ۽ ملڪ جي مستقبل جي ليڊرن جي لاءِ هڪ عمده مثال آهن. اهڙن خيالن جو اظهار نيشنل بُڪ فائونڊيشن جي ايم ڊي ڊاڪٽر راجا مظهر حميد سان ملاقات دوران ڪيو. تعليم واري ن??ران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو ته ملڪ جي روشن خيال نوجوانن جي جوڙجڪ جي لاءِ ڪتاب پڙهڻ جو ڪلچ?? لازمي آهي. هن نيشنل بُڪ فائونڊيشن کي ??ڪم ڏنو ته ڪتاب پڙهڻ جي ڪلچر کي ڦهلائڻ جي لاءِ اسلام آباد ۾ نيشنل بُڪ گالا منعقد ڪيو وڃي. هن چيو ته سمورين ڌرين بشمول سمورين يونيورسٽيز، ڪاليجز ۽ اسڪولز کي ??امل ڪيو وڃي، ان جو مقصد ڪتابن ۽ نوجوانن جي وچ ۾ خال کي ??تم ڪرڻ هجڻ گهرجي. نگران وفاقي وزير چيو ته اسان جي معاشري ۾ عدم برداشت تمام وڌيڪ آهي ۽ علم ۽ دانش کي ڦهلائي معاشري کي ??واداري سان وڌائي سگهجي ٿو. هن چيو ته اين بي ايف ملڪ جي نوجوانن ۽ ڪتاب پڙهڻ جي وچ ۾ خال کي ??تم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري. هن ڪتاب ميلن جي باقاعدگي سان منعقد ڪرڻ جي اهميت کي ??جاگر ڪيو. نگران وفاقي وزير کي ٻڌايو ويو ته ٽن ڏينهن وارو گالا آڪٽوبر جي آخري هفتي ۾ منعقد ڪيو پيو وڃي ۽ ان تقريب جي افتتاح جي لاءِ نگران وزيراعظم کي گهرايو ويندو.