اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي افغانستان بابت خصوصي نمائندي آصف دراني 11 کان 12 سيپٽمبر تائين ايران جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪيو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌ??ئ??. س??ير آصف دراني پنهنجي ايراني هم منصب خصوصي نمائندي علي قمي سان ڳالهه ٻولهه کانسواءِ ايران جي پرڏيهي وزير امير عبداللهيان سان پڻ ملاقات ڪئي. ترجمان چيو ته اهو دورو افغانستان ۾ امن ۽ استحڪا?? جي گڏيل آئيڊ??ل کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ٻين پاڙيسري ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عز?? جي عڪاسي ڪري ٿو.