اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اسان جو ڪو به سياسي دوست ۽ سياسي دشمن نه آهي، ڪنهن به سياسي پارٽي کي پنهنجا خيال پيش ڪرڻ ??ي آزادي حاصل ??هي، تنقيد انهن جو جمهوري حق آهي، اسان اهو حق انهن کان نه ٿا کسي سگهون. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته اسان ڪنهن به سياسي پارٽي جي حق ۾ ۽ مخالف نه آهيون، ملڪ ??ي آئين ۽ قانون تحت هلندڙ ڪنهن به ڪارروائي ۾ اسان ڪنهن به قسم جي مداخلت جو ارادو نه ٿا رکون، جيڪڏهن ڪنهن جي خلاف آئين، قانون ۽ عدالتون ڪي قدم کڻن ٿيون اسان ان عمل کي نه ٿا روڪي سگهون. چونڊن جي حوالي سان سوال تي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن آئيني ادارو آهي، صاف، شفاف، غيرجانبداراڻي ۽ آزاد چونڊون منعقد ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي. هن چيو ته اسان پنهنجي حلف جي پاسداري ڪنداسين، حلف جي خلاف ورزي جو سوچي به نه ٿا سگهون، اسان وٽ نااميدي ۽ واعدي خلافي جي ڪا خبر نه آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي ويب سائيٽ تي پورو شيڊيول جاري ڪر?? ڇڏيو آهي، اليڪشن ايڪٽ تحت سياسي پارٽين کي مهم جي لاءِ 54 ڏينهن ڏ??ڻا پوندا. هن چيو ته پاڪستان هڪ جمهوري ملڪ آهي، ماڻهن کي اظهار راءِ ??ي آزادي حاصل ??هي. هن چيو ته اسان جي ذميواري آهي ته اسان حڪومتي معاملن کي بهتر بڻايون. هن چيو ته مهانگائي هڪ حقيقت آهي، عوام جي مشڪلاتن جو احساس آهي، ڪو به ملڪ مهانگو تيل خريد ڪر?? سستو وڪرو ڪرڻ کي برداشت نه ٿو ڪر?? سگهي. صدر جي ٽوئيٽ جي حوالي سان هن چيو ته صدر جنهن ڏينهن ٽوئيٽ ڪيو انهي ڏينهن اسان قانوني پوزيشن واضح ڪر?? ڇڏي هئي. صدر کي رياستي نظام ۾ اهم حيثيت حاصل ??هي، صدر آئين تحت پارليامينٽ جو حصو آهي، اسان جي حڪومت انهن جي منصب جو احترام ڪر?? ٿي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي ڪراچي جي دوري جو ذڪر ڪندي هن چيو ته ڪراچي واپاري مرڪز آهي، نگران وزيراعظم هتي ڪاروباري ماڻهن سان ملاقات ڪئي. هن چيو ته اسان معيشت کي مستحڪم ڪنداسين، عوام جي پئسي جو زيان نه ڪيو ??يندو، 16 رڪني ڪابينا جو هر ميمبر پنهنجي شعبي جو ماهر آهي. هن چيو ته عوام جي دعائن، مدد ۽ آئيڊياز جي ضرورت هوندي. بٽگرام چيئر لفٽ واقعي جو ذڪر ڪندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته اسان جي جوانن پيشيواراڻي انداز ۾ بهادري سان ٻارن کي ريسڪيو ڪيو، مقامي ماڻهن به بهادري جو مظاهرو ڪيو، نگران وزيراعظم کي چيئر لفٽ واقعي تي اڳڀرائي کان مسلسل آگاهه ڪيو ??يندو رهيو. جڙانوالا واقعي بابت هن چيو ته جڙانوالا جهڙا واقعا اوچتو رونما نه ٿا ٿين، ان جي هڪ تاريخ آهي، جڙانوالا واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي سزا ملنديون. هن چيو ته معاشري ۾ عدم برداشت جو ڪلچر هڪ ڏينهن ۾ نه پيدا ٿيو آهي نه ختم ٿيندو. هن چيو ته معاشري مان عدم برداشت جي ڪلچر جو خاتمو ضروري آهي، ان ڏس ۾ گهر، اسڪول، مدرسي، ميڊيا، عدالتن، انتظاميا ۽ حڪومت کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.