اسلام آباد – 28 – آگسٽ (اي پي پي) خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) جي ايپڪس ڪميٽي ايس آئي ايف سي جي قدمن تي اعتماد ج?? اظهار ڪيو ۽ ملڪي معيشت جي بحالي ??اء?? مثبت رفتار کي برقرار رکڻ جي پنهنجي عزم ۽ حمايت ج?? اظهار ڪيو آهي، ايپڪس ڪميٽي زراعت/ چُوپائي مال، کاڻين جي کوٽائي/معدنيات، آءِ ٽي ۽ توانائي جي اهم شعبن ۾ سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي ??اء?? گذريل حڪومت جي منظور ڪيل منصوبن جي پڻ توثيق ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) قدمن تحت مثبت تحرڪ جاري رکڻ جي ??اء?? ايس آئي ايف سي جي چوٿين ايپڪس ڪميٽي جو نگران حڪومت جي قيادت ۾ په??يون اجلاس ٿيو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير، وفاقي ڪابينا، وڏن وزيرن، صوبائي وزيرن ۽ اعليٰ سطح جي سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. ڪابينا ايس آئي ايف سي جي قدمن جو مڪمل جائزو ورتو جنهن ۾ اهم شعبن ۾ اڳڀرائي ۽ اهڙي طرح تمام گهٽ وقت ۾ حاصل ڪيل ڪاميابيون شامل آهن. وزيراعظم ڀرپور هم آهنگي کي حاصل ڪرڻ جي ??اء?? هڪ حصيداري ”پورو حڪومتي موقف“ جي ذريعي ايس آئي ايف سي جي موثر ڪم کي ساراهيو. ايپڪس ڪميٽي ايس آئي ايف سي جي عالمي سطح تي پهچ حاصل ڪرڻ جي حڪمت عملي ۽ ڀائر/ دوست ملڪن سان جاري مصروفيتن کي ساراهيو جنهن ۾ سعدوي عرب ۽ اسلامڪ آرگنائيزيشن فار فوڊ سيڪيورٽي (آئي او ايف سي) جي اعليٰ سطحي ??فد?? جا نتيجاخيز دورا شامل آهن. ايپڪس ڪميٽي ايس آئي ايف سي جي قدمن تي اعتماد ج?? اظهار ڪيو ۽ ملڪي معيشت جي بحالي طرف مثبت رفتار کي برقرار رکڻ ۾ پنهنجي عزم ۽ حمايت ج?? اظهار ڪيو. ايپڪس ڪميٽي زراعت/ چُوپائي مال، کاڻين جي کوٽائي/ معدنيات، آءِ ٽي ۽ توانائي جي اهم شعبن ۾ سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ جي ??اء?? گذريل حڪومت جي منظور ڪيل منصوبن جي پڻ توثيق ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ايس آئي ايف سي جي ذريعي په??ين کان حاصل ڪيل سازگار ماحول جو فائدو کڻندي نشاندهي ڪيل منصوبن جي تڪميل ۾ تيزي آندي وڃي. آرمي چيف جنرل عاصم منير ملڪي معيشت جي بحالي ۽ پاڪستان کي ترقي ۽ خوشحالي طرف گامزن ڪرڻ جي ??اء?? پاليسين جي تسلسل جي ??اء?? نگران حڪومت سان پاڪ فوج جي هر ممڪن تعاون جو عزم ظاهر ڪيو.