اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪشميري ڀارت جي غيرقانوني ۽ غاصباڻي قبضي جي خلاف لازوال قربانيون ڏئي رهيا آهن، پاڪستان پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن جو آواز بڻجندو رهندو ۽ انهن جا جائز حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندو، اسان کي ان ڳالهه تي يقين آهي ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري ??وام جي خواهشن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن حل جي ذريعي ئي ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام ممڪن آهي. ڪشمير استحصال ڏهاڙي 5 آگسٽ 2023ع جي موقعي تي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ صدر چيو ته 5 اگسٽ 2019ع تي ڀارت غيرقانوني طور تي ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پنهنجي غيرقانوني ۽ هڪطرفي ڪاررواين جي شروعات ڪئي. انهن ڪاررواين جو مقصد ڪشميري ??وام کي بي اختيار ڪرڻ، راءِ جي حق کان محروم ڪرڻ ۽ انهن جي پنهنجي ئي سرزمين تان بيدخل ڪرڻ آهي. اهي قدم تڪراري ??لائقي تي مستقل طور تي قبضو ڪرڻ ۽ ان جي خاص ڪشميري ڪردار کي مٽائڻ جي لاءِ کنيا ويا هئا. هن چيو ته اڄ ڀارت دنيا کي اهو باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري ??هيو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير ان جي سرزمين جو هڪ غيرتڪراري ??صو آهي. جڏهن ته اهو ڀارت ئي هو جيڪو ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي کي سلامتي ڪائونسل ۾ کڻي ويو ۽ اتي ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪراري ??يث??ت کي عالمي سطح تي تسليم ڪيو ويو. رياست جي حتمي مستقبل جو فيصلو گڏيل قومن جي ڇٽيءَ هيٺ آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم جي ذريعي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڪشميري ??وام جي نه ٽٽڻ جهڙي عزم ۽ حوصلي جي ڪري ??هي دهشت زده ڪرڻ ۽ محڪوم بڻائڻ جي هر ڀارتي ڪوشش جو مقابلو ڪري ??هيا آهن. ڀارت جا سمورا ظالماڻا حربا ڪشميرين جي آزادي جي تڙپ کي نه ٿا وسائي سگهن. ڀارت گذريل 75 سالن کان مختلف حربن ۽ سازشن سان ڪشميري ??وام جي حقن ۽ امنگن کي پائمال ڪري ??هيو آهي. جڏهن ته 5 آگسٽ 2019ع کان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير کي هڪ کليل جيل ۾ بدلايو ويو آهي. هن چيو ته ڀارت جو ڪشميري ??وام جي حقن کان مسلسل انڪار هڪ غلط ۽ غيرقانوني عمل آهي. سفارتي ٻهروپيو يا ڀارتي رياستي دهشتگردي ان حقيقت کي تبديل نه ٿ?? ڪري ??گهي. ڀارت ڪشميري ??وام کي انهن جو جائز خودمختياري جو حق ڏئي سلامتي ڪائونسل پاران پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري.