اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته جم??يت جي ورڪرز ڪنوينشن تي ح??لو پاڪستان جي جمهوريت تي ح??لو آهي، واقعي جي ذميوارن جي جلد نشاندهي ڪري انهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جم??يت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي گهر ويو ۽ خار، باجوڙ ۾ جم??يت علماءِ اسلام جي ورڪرز ڪنوينشن حملي تي ساڻس تعزيت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ان افسوسنا?? واقعي تي پوري قوم ڏکويل آهي، جم??يت جي ورڪرز ڪنوينشن تي ح??لو پاڪستان جي جمهوريت تي ح??لو آهي. هن دعا ڪ??ي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند ڪري ۽ سوڳوارن کي صبر جميل عطا فرمائي. وزيراعظم چيو ته هن زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، واقعي جي ذميوارن جي جلد نشاندهي ڪري انهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. ان موقعي تي وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداري، اسحاق ڊار، مولانا اسعد محمود، خرم دستگير خان، سردار اسرار ترين، قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني، سنڌ جو وڏو وزير سيد ??راد علي شاهه، سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري ۽ قومي اسيمبلي ميمبر عبدالاڪبر چترالي پڻ موجود هئا.