راولپنڊي-17 جولاءِ (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته معروض?? تربيت اسان جي پيشوراڻي مهارت جو حصو آهي، اسان کي قومي سلامتي کي درپيش ڪنهن به خطري کي مُنهن ڏين لا??ِ هميشه تيار رهڻ گهرجي. اهڙو اظهار ??ن ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف جي صدارت هيٺ 258هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس منعقد ٿي. ڪانفرنس ۾ ملڪ جي دفاع ۾ بهادر سپاهي جي مسلسل قربانين کي زبردست خراجِ تحسين پيش ڪيو. شرڪت ڪندڙن کي اندروني سلامتي جي موجوده صورتحال بابت تفصيل سان آگاهه ڪيو ??يو. ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ فوج جي آپريشنل تيارين ۽ تربيتي پهلوئن تي به غور ڪيو ??يو. ڪانفرنس ۾ ٻُڌايو ويو ته ڪالعدم ٽي ٽي پي ۽ ٻين دهشتگرد تنظيمن جا پاڙيسري ملڪ ۾ ٺڪاڻا آهن. ٽي ٽي پي ۽ ٻيا دهشتگرد گرو?? پاڪستان ۾ مسئلا پيدا ڪري رهيا آهن. ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ فورم کي معاشي بحالي جي منصوبي، سيڙپڪاري، سهولت ڪائونسل جي دائره ڪار بابت آگاهه ڪيو ??يو. زراعت، آءِ ٽي، معدنيات، دفاعي پيداواري شعبن ۾ ترقي لا??ِ فوج جي ڪاوشن تي بريفنگ ڏني وئي. ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن حڪومت جي معيشت جي بحاليءَ لا??ِ حڪمت عمليءَ کي هر ممڪن معاونت فراهم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.