اسلام آباد-09 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سوشل ميڊيا تي آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير تي قاتلاڻي حملي جي مهم هلائڻ جي مذمت ڪندي لڳاپيل ادارن کي ميڊيا مهم هلائيندڙ?? خلاف ڏيهه ۽ پرڏيهه قانوني قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي، وزيراعظم آفيس جي جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم چيو آهي ته آرمي چيف ۽ فوج خلاف شر ڦهلائيندڙ ميڊيا مهم شيطاني ذهن جي منصوبابندي جو نتيجو آهي، 09 مئي جي منصوبابندي ڪندڙ، سهولت ڪار ۽ هينڊلرز کي پيغام آهي ته پاڪستان ۽ ان جي ادار?? خلاف هرسازش کي ناڪام بڻايو ويندو، وزيراعظم محمد شهباز شريف سوشل ميڊيا تي آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير تي قاتلاڻي حملي جي مهم هلائڻ جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته شهيد?? خلاف غليظ ميڊيا مهم هلائيندڙ جي نئين ميڊيا مهم هڪ ئي منصوبي جي ڪڙي آهي. وزيراعظم لڳاپيل ادارن کي ميڊيا مهم هلائيندڙ?? خلاف ڏيهه ۽ پرڏيهه قانوني قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته فوج ۽ ان جي سربراه خلاف ميڊيا مهم اظهار جي آزادي نه آهي اها صرف سازش آهي جنهن کي روڪڻ قانوني فرض آهي، قو?? ان سازش کي ناڪام بڻائيندي جهڙي ريت 09 مئي واري ملڪ کي گهرو ويڙه جو شڪار ڪرڻ جي سازش کي بڻايو هو.وزيراعظم وڌيڪ چيو ته قوم پنهنجي فوج ۽ ان جي سربراه سان گڏ آهي.