حيدرآباد-13 جون (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد ۽ ڊائريڪٽر جنرل ايڇ ڊي اي فواد غفار سومرو ضلعي جي سمورن لاڳاپيل ??ملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته امڪاني طوفاني برساتن دوران گذريل ??ال وانگر فيلڊ ۾ موجود رهندي برساتي پاڻي جي نيڪالي واري عمل جي نگراني ڪن. پنهنجي آفيس مان جاري ڪيل پريس بيان ۾ هن چيو ته صورتحال جو جائزو وٺڻ ۽ عوام کي پريشانين کان محفوظ رکڻ لاءِ سمورا لاڳاپيل ??ملدار ۽ عملو سنجيدگي ۽ دلچسپي سان پنهنجا فرض ادا ڪن. هن، حيسڪو اختيارين کي هدايت ڪئي ته اهي واسا جي سمورين پمپنگ اسٽيشنن تي بنا رنڊڪ بجلي ج?? فراهمي کي يقيني بڻائين ڇاڪاڻ ته جنريٽر تي پمپنگ مشينن کي فعال رکڻ جي ص??احيت فقط 25 سيڪڙو هوندي آهي ۽ پاڻي جي نيڪالي وارو ڪم پڻ متاثر ٿيندو آهي ضرورت ان ڳا??هه جي آهي ته پمپنگ اسٽيشنن کي بجل?? فراهم ڪندڙ فيڊرن کي فعال رکڻ لاءِ ضروري انتظامن کي يقيني بڻايو وڃي. ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد چيو ته ڪوآپريٽو سوسائٽيز ۽ بلڊنگس کاتو سرڪاري ڪالونين ۽ سوسائٽيز مان برساتي پاڻي جي نيڪالي جا ذميوار آهن تنهنڪري ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي کان پاسو ڪيو وڃي ٻي ص??رت ۾ ملوث عنصرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته مون سميت سمورا لاڳاپيل ??ملدار پاڻمرادو برساتي پاڻي جي نيڪالي وارن ڪمن جي نگراني ڪندا ۽ انشاالله ماڻهن جي جانين ۽ ملڪيتن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا گهربل وسيلا ڪتب آندا ويندا.