ٺٽو-13 جون (اي پي پي) ڊپٽي ??مش??ر غلام فاروق سومرو ڪيٽي بندر ۾ ڪيمپ آفيس قائم ڪري پاڪ فوج، نيوي، ميري ٽائيمز سيڪيورٽي ايجنسي، پوليس ۽ ٻ??ن لاڳاپيل ادارن ج?? مدد سان خطري واري علائقي مان ماڻهن کي محفوظ هنڌن ۽ امدادي ڪيمپن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ ريسڪيو واري ھلندڙ ڪم جي نگراني ڪري رھيو آھي. ان موقعي تي ڊپٽي ??مش??ر چيو ته سامونڊي طوفان بائپر جوائي جي خطري کي نظر ۾ رکندي ضلعي انتظاميا پاڪستان آرمي، نيوي، ميري ٽائيمز سيڪيورٽي ايجنسي، پوليس ۽ ٻ??ن لاڳاپيل ادارن ج?? مدد سان ڪيٽي بندر جي سامونڊي پٽي جي غير محفوظ علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ ريسڪيو جو ڪم تيزي سان جاري آهي تہ جيئن قيمتي جانين ج?? امڪاني نقصان کان بچي سگهجي. هن چيو ته ضلعي انتظاميا پاران گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٻگهاڻ، ٽي سي ايف اسڪول بابو ڪنان ٻگهاڻ، گورنمينٽ گرلز پرائمري اسڪول ڪيٽي بندر، گورنمينٽ پرائمري اسڪول ٻگهاڻ، ٽي سي ايف اسڪول پير ڏنو شاهه جهالو، ٽي سي ايف اسڪول جھنگيسر، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ڳاڙھو، گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ڳاڙھو ۽ وٽنري اسپتال ڳاڙھو ۾ رليف ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن. ڊپٽي ??مش??ر وڌيڪ چيو ته هن وقت تائين ساحلي علائقن مان اٽڪل 727 خاندانن کي ريسڪيو ڪري مختلف رليف ڪئمپن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي جتي کين پڪل کاڌو، پيئڻ جو صاف پاڻي، مڇر دانيون، موبائيل اسپتال، دوائون، واش رومز ۽ ٻ??ون سموريون گهربل سھولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته ضلعي انتظاميه پاران اسسٽنٽ ??مش??رن، مختيارڪارن، چونڊيل نمائندن ۽ مقامي معززين ذريعي ماڻهن کي ساحلي علائقن مان نڪرڻ تي قائل ڪرڻ لاءِ سرگرم مهم پڻ هلائي پئي وڃي ته جيئن کين محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪري سگه??ي. ??پٽي ??مش??ر وڌيڪ ٻڌايو ته ٻيا به ڪيترائي ماڻهو خطري واري هنڌن کان نڪري چڪا آهن ۽ انهن کي پڻ ضلعي انتظاميا پاران قائم ڪيل مختلف رليف ڪيمپن ۾ منتقل ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن.