اسلام آ??اد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بج??ٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پ??وگ??ام (پي ايس ڊي پي) تحت مذهبي معاملن واري وزارت جي 2 منصوبن جي لاءِ مجموعي طور تي 800 ملين رپيا رکيا ويا آهن. جاري سرڪاري شعبي جي ترقياتي پ??وگ??ام ۾ قرآن پاڪ جي شهيد ورقن جي ري سائيڪلنگ جي لاءِ اسلام آ??اد ۾ پلانٽ هڻڻ جي لاءِ 165.048 ملين رپين ??ان وڌيڪ جڏهن ته حج ڪمپليڪس ??اهور جي تعمير لاءِ 634.952 ملين رپين جي رقم رکي وئي آهي.