اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريا?? واري وفاقي وزير مريم ا??رنگزيب چيو آهي ته تڪبر، ضد، اناءَ، پنهنجي ذات ۽ مفادن جي بُت جو هائوس آف ڪارڊز ڌڙام سان زمين هيٺ دٻجي ويو آهي، پي ٽي آءِ مان روح نڪري ويو، پارٽي ٺاهيندڙن جي هلي وڃڻ سان بس هاڻي بُت ئي باقي رهجي ويو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعا?? واري وفاقي وزير هڪ شع?? ”دل ڪي ڦڦولي جل اُٺهي سيني ڪي داغ سي…. اس گهر ڪو آگ لگ گئي گهر ڪي چراغ سي“ جو حوالو ڏنو. هن چيو ته مغرور چيو هو ته ڪنهن جي اچڻ ۽ وڃڻ سان فرق نه ٿو پوي، هو اڄ عبرت جو زندهه مثال بڻجي چڪو آهي.