اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان کي غذائي لحاظ کان پاڻڀرو ڪرڻ لاءِ زراعت ۾ جدت آڻڻ جي لاءِ قدمن کي يقيني بڻائي رهيا آهيون، حڪومت ايندڙ بجيٽ ۾ معياري ٻج، ٽيوب ويلز جي سولرائيزيشن ۽ مشينري جي فراهمي جي لاءِ وسيلا رکي رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي غذائي تحفظ واري وفاقي وزير طارق ب??ير چيما ??ان ملاقات دوران ڪيو. طارق ب??ير چيما وزيراعظم کي آبادگار پئڪيج تي اڳڀرائي ۽ ا??ندڙ فصلن جي حوالي ??ان وزارت جي منصوبابندي جي حوالي ??ان آگاهه ڪيو. هن وزارت جي ايندڙ مالي سال ۾ زرعي شعبي ۾ جدت ۽ ميڪنائيزيشن جي حڪمت عملي جي حوالي ??ان پڻ بريفنگ ڏني. ملاقات دوران وزيراعظم ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته پاڪستان کي غذائي لحاظ کان پاڻڀرو بڻائڻ جي لاءِ زراعت ۾ جدت آڻڻ جي لاءِ قدمن کي يقيني بڻائي رهيا آهيون. هن چيو ته حڪومت ڪمند، ڪپهه ۽ ڪڻڪ جي بهترين امدادي قيمت ??ان آبادگارن کي انهن جي محنت جو معاوضو يقيني بڻايو، حڪومت ايندڙ بجيٽ ۾ معياري ٻج، ٽيوب ويلز جي سولرائيزيشن ۽ مشينري جي فراهمي جي لاءِ وسيلا رکي رهي آهي. هن چيو ته حڪومت زرعي پيداوار جي ويليو ايڊيشن جي لاءِ آبادگارن ??ان گڏجي ان شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪندي.