اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي وفاقي انشورنس محتسب جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي انشورنس معاملن ۾ انصاف جي فراهمي لاءِ اداري جي ڪردار بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي ??رورت تي زور ڏنو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر کي وفاقي انشورنس محتسب جي ??الياني رپورٽ سال 2022ع ايوان صدر ۾ پيش ڪئي وئي. وفاقي انشورنس محتسب ڊاڪٽر محمد خاور جميل رپورٽ پيش ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته عوام کي انشورنس معاملن ۾ انهن کي درن تي انصاف جي فراهمي تيز ڪرڻي پوندي. هن چيو ته عوام انشورنس پاليسين بابت شڪايتن جي ??ل لاءِ وفاقي انشورنس محتسب سان رجوع ڪري ۽ انشورنس معاملن ۾ انصاف جي فراهمي ۾ اداري جي ڪردار بابت آگاهي پيدا ڪئي وڃي. صدر وفاقي انشورنس محتسب جي ??ال 2022ع جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. وفاقي انشورنس محتسب سال 2022ع جي ??پورٽ ۾ چيو آهي ته 4634 شڪايتن جو ازالو ڪيو ويو جڏهن ته سال دوران انشورنس پاليسي هولڊرز کي 2.5 ارب رپين جو ريليف فراهم ڪيو ويو. رپورٽ ۾ ??ڌي?? ٻڌايو ويو ته وفاقي انشورنس محتسب 95 سيڪڙ?? انشورنس ڪيسز جو ازالو 60 ڏينهن جي ??ندر ڪيو. رپورٽ ۾ چيو ويو ته ماڻهن کي انهن جي ??رن تي انصاف جي فراهمي لاءِ انشورنس محتسب سکر ۽ حيدرآباد ۾ نيون آفيسون کوليون آهن.