اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) پاڪستان ڀارت پاران عدالت کي ناليواري ڪشمير?? اڳواڻ محمد ياسين ملڪ کي موت جي سزا ڏيڻ جي مطالبي جي تازه ترين قدم تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته گذريل سال محمد ياسين ملڪ کي هڪ تڪراري ڪيس ۾ عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي، ان تي هٿ ٺوڪيا الزام هنيا ويا ۽ ان کي منصفاڻي ٽرائل کان انڪار ڪيو ويو هو. ترجم??ن چيو ته اهم ڪشمير?? اڳواڻ کي ??راب ٿيندڙ صحت جي باوجود بدنام زمانه تهاڙ جيل ۾ غي??انساني حالتن ۾ رکيو ويو آهي. هن چيو ته محمد ياسين ملڪ کي ??اندان جي ماڻهن ۽ وڪيلن تائين پهچ نه پئي ڏني وڃي ۽ ان سان گڏوگڏ کيس معياري صحت جي علاج کان محروم رکيو پيو وڃي. ترجم??ن چيو ته ڀارت جو تازو قدم سياسي انتقام جو هڪ ٻيو مثال آهي جنهن جو مقصد ڪشميري قيادت کي ??اموش ڪرڻ ۽ ڪشميري عوام کي ڊيڄارڻ آهي. هن چيو ته اهو قدم ڀارت غي??قانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي نه ختم ٿيندڙ ۽ وسيع ڏاڍ جو مظهر آهي جتي سياس?? اڳواڻن ۽ انساني حقن جي محافظن کي هٿ ٺوڪيي ۽ بي بنياد الزامن تحت قيد ڪيو وڃي ٿو. پرڏيهي آفيس جي ترجم??ن چيو ته اسان ڀارتي عملدارن تي زور ڏيون ٿا ته اهي محمد ياسين ملڪ جي خلاف فرضي ڪيس کي ??تم ڪن. هن چيو ته ڪشمير?? اڳواڻ کي معياري علاج ف??اه?? ڪرڻ گهرجي ۽ ان کي پنهنجي ماڻهن ۽ خاندان جي وچ ۾ آزاداڻي طور تي رهڻ ڏنو وڃي. ترجمان پاڪستان جي ان مطالبي کي پڻ ورجايو ته ڀارت کي ڪشميري قيادت ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن کي پڻ فوري ۽ غي??مشروط طور تي آزاد ڪرڻ گهرجي جن کي ڀارت جي غي??قانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ ڀارت جي جيلن ۾ بنا جواز قيد ۾ رکيو ويو آهي.