اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور هڪ باعمل عالم، نيڪ صالح ۽ ايماندار انسان، عظيم رهبر ۽ بهترين سياستدان هو، سندس شخصي?? سادگي جو عملي نمونو هئي، رڳو ه?? سال جي مختصر عرصي ۾ هن اسان جي مٿان گهرا نقش ڇڏيا آهن، ا??ڙا ماڻهو اڄ ڳولڻ سان به نه ٿا ملن. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ مفتي عبدالشڪور کي خراج عقيدت پيش ڪندي هن چيو ته مفتي عبدالشڪور جو دين سان گهرو لڳاءُ هو، عملي طور تي هو عظيم رهبر، باعمل عالم ۽ بهترين سياستدان هو، پنهنجي علائقي ۾ مسجد سان گڏ ان جو ننڍو گهر هو، هن پنهنجي چونڊ مهم به موٽرسائيڪل تي هلائي ۽ ماڻهن ان جي شخصيت کان متاثر ٿي ان کي چونڊيو، جڏهن فيصلو ڪيو ويو ته مشڪل معاشي صورتحال جي ڏس ۾ ڪابينا جا ميمبر به پنهنجي پگهارن ۽ مر??عتن مان پنهنجو حصو وجهن ته مفتي صاحب مون کي ايمان جي طاقت جي زور تي انتهائي خلوص سان چيو ته وزيراعظم صاحب آئون اها ڪٽوتي نه ڪرائي سگهندس، هن مر?? مومن بنا ڪنهن هٻڪ جي پنهنجي معاشي حالتن بابت مون کي ٻڌايو، ا??ڙا ماڻهو اڄ ڳولڻ سان به نه ٿا ملن، انهن کي جيترو به خراج عقيدت پيش ڪيو وڃي اهو گهٽ آهي، هو هڪ عظيم شخصيت ۽ س??دگي جو عملي نمونو هو، ان جي لاڏاڻي تي اسان سڀ ڏکويل آهيون، هو جي يو آءِ (ف) جي مٿي جو جهومر هو.