اسلام آباد – 30 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لائرز ويلفيئر اينڊ پر??ٽي??شن بل 2023ع جي منظوري تي سڄي ملڪ جي وڪ??ل برادري کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته الله جو ??ڪر آهي ته وڪ??ل برادري سان ڪيل واعدو پورو ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته هڪ مهينو اڳ وڪيلن مون سان ملاقات ڪئي هئي ۽ مون انهن سان اهو قانون جلد منظور ڪرائڻ جو واعدو ڪيو هو. وزيراعظم چيو ته وڪيلن پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا آهن، انهن جو ??ح??ظ ۽ ڀلائي اسان جي اولين ترجيح آهي. پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن جا ميمبر ساراهه لائق آهن جن هڪ نئين تاريخ لکي آهي، سڀني جي حقن جي لاءِ وڙهندڙ وڪيلن جي پنهنجي حقن جي حوالي سان اُها اڳڀرائي نه ٿي جيڪا ٿيڻ گهرجي ها. وڪ??ل برادري جي وڌيڪ بهتري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين.