اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءَ بيگم ثمينه علوي چيو آهي ته عورتن کي برابر حقن جي فراهمي ۽ خاص طور تي تعليم ۽ صحت جي سهولتن تائين انهن جي پهچ وڌائڻ معاشري جي ترقي جي لاءِ اهم آهي. عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان اڳوڻي ??في?? نائله چوهاڻ جي پينٽنگ جي نمائش جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ثمينه علوي ع??رتن کي برابر موقعا فراهمڪري انهن کي بااختيار بڻائڻ تي زور ڏنو ته جيئن انهن کي پنهنجي مڪمل صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ ۾ مدد ملي. پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس ۾ ”آرٽ فرام دي هارٽ“ جي ع??وان سان سولو نمائش ۾ عورتن جي جدوجهد جي عڪاسي ڪئي وئي آهي. ثمينه علوي ع??رتن ب??بت صحت جي مسئلن ب??مول ڇ??تي??َ جي ڪينسر ۽ دماغي مرضن ب??بت بيداري پيدا ڪرڻ تي زور ڏنو. هن ٻڌايو ته ڇ??تي??َ جو ڪينسر عورتن ۾ موت جو سڀ کان وڏو سبب آهي. ان کانسواءِ ملڪ جي 24 سيڪڙو آبادي کي مختلف نوعيت جا نفسياتي مسئلا درپيش آهن، جن جي اڪثريت عورتن تي ٻڌل آهي. هن چيو ته صدر ۽ هو پاڻ سماجي شعبي ۾ خاص طور تي ڇ??تي??َ جي ڪينسر بابت آگاهي، عورتن جي مالي شموليت، خصوصي ماڻهن ۽ دماغي صحت بابت مسئلن ۾ غيرمعمولي ڪم ڪري چڪا آهن. هن چيو ته ايوان صدر پاڪستان ۾ ذهني صحت جي سهولتن تائين پهچ کي بهتر بڻائڻ جو ڪم پڻ شروع ڪيو آهي ته جيئن سڄي ملڪ ۾ دماغي صحت جي مرضن جي روڪٿام جي لاءِ گڏيل ڪوشش ڪري سگهجي. هن چيو ته مختلف ڌرين جي مدد سان طبي مشورا فراهم ڪرڻ جي لاءِ دماغي صحت جي هيلپ لائين ۽ مصنوعي ذهانت تي ٻڌل چيٽ بوٽس جي شروعات ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته هڪ سرڪاري اسپتال ۾ اسڪريننگ سينٽر پاران ڪيل تازي تحقيق سان اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته 32 سيڪڙو جواب ڏيندڙن ٻڌايو ته ميڊيا جي ذريعي انهن کي ڇ??تي??َ جي ڪينسر ۽ اسڪريننگ بابت معلومات حاصل ڪئي. ثمينه علوي ع??رتن ب??بت مسئلن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ نائله چوهاڻ جي پينٽنگز کي ساراهيندي چيو ته آرٽ، سفارتڪاري جو هڪ موثر ذريعو ثابت ٿي سگهي ٿو. ان موقعي تي اڳوڻي ??في?? نائله چوهاڻ چيو ته ان جي پينٽنگز سماجي ۽ عورتن جي مسئلن ب??بت آگاهي پيدا ڪرڻ جو ذريعو آهن. هن چيو ته عورتن جي حقن جي لاءِ ان جي مضبوط وڪالت جي اعتراف ۾ يونيسڪو ان جي پينٽنگز جي هڪ سولو نمائش جو انعقاد ڪيو، جيڪا 2002ع کان پيرس ۾ ان جي هيڊڪوارٽر ۾ مستقل نمائش جي لاءِ رکي وئي آهي. ڊائريڪٽر جنرل پي اين سي اي ايوب جمالي چيو ته پي اين سي اي ملڪ جي اهم رخن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ ڪميونٽي جي شرڪت جي حوصلا افزائي ڪري ٿي. نائله چوهاڻ جي پينٽنگز جي نمائش 9 مارچ تائين کليل رهندي ۽ ان سان ملندڙ رقم عطيو ڪئي ويندي.