اسلام آباد– 02 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته 5 فيبروري تي ڪشمير سان يڪجهتي جو ڏهاڙو هڪ ڀيرو ٻيهر ڀرپور طريقي سان ملهايو ويندو، هر سال وانگر هن سال به پاڪستاني قوم ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پن??نج?? ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي خودمختياري وارو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن سان اڻٿڪ يڪجهتي ??و اظهار ڪندا. پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان ۾ معاشري جا سڀ طبقا ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ۽ ڪشميري ان ڏينهن کي روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهائيندا. ترجمان چيو ته اسان سمجهون ٿا ته خطي ۾ پائيدار ا??ن ۽ سلامتي ۽ ترقي جو دارومدار ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي پرامن حل تي آهي. هن چيو ته اهو ضروري آهي ته ڪشميري عوام گڏيل قومن جي اهت??ام هيٺ آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي راءِ جي ذريعي پن??نج?? خودمختياري واري حق ??و استعمال ڪن. هن اها ڳالهه زور ڏئي چئي ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرار??اد?? موجب ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پن??نج?? ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي هر ممڪن حمايت جاري رکندو.