اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ اربع ڏينهن بلوچستان جي ضلعي صحبت پور جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪندو. چيف سيڪريٽري بلوچستان وزيراعظم کي ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ تباهه ٿيل ان??راسٽرڪچر جي نئين ??ر تعمير جي لاءِ جاري ڪوششن تي بريفنگ ڏيندو. ان موقعي تي وزيراعظم صحبت پور ۾ ٻوڏ کان متاثر ٿيندڙ گورنمينٽ بوائز سيڪنڊري اسڪول ڪلي جياخان جي نئين عمارت جو افتتاح ڪندو. وزيراعظم ٻوڏ سٽيلن جو احوال ڄاڻڻ ۽ ان??ن جي دل جوئي ڪرڻ جي لاءِ ان??ن سان ملاقات پڻ ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم ٻوڏ سٽيلن ۽ مقامي نم??ئن??ن کي خطاب ڪندو.