اسلام آباد – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) اسلام آباد ۾ مقرر افغانستان جي ناظم الامور کي پرڏيهي وزارت ۾ طلب ڪري چمن اسپن بولدڪ جي علائقي ۾ افغان بارڊر سيڪيورٽي فورسز پ??ران اشتعال انگيز گولاباري جي تازن واقعن تي پاڪستان پاران سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ جاني نقصا?? ۽ ??اڻهن جي زخمي ٿيڻ کانسواءِ ملڪيتن کي نقصان پهتو ??هي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ان ڳالهه کي ورجايو ويو ته شهرين جو تحفظ ٻنهي ڌرين جي ذميواري آهي ۽ اهڙن واقعن کي روڪڻ ضروري آهي، ان سلسلي ۾ قائم اداراجاتي مڪينزم کي استعمال ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. بيان موجب پاڪستان افغانستان ڀائراڻا لاڳاپا برقرار رکڻ جي لاءِ پرعزم ??هي. پاڪ افغان سرحد تي امن ان مقصد جي لاءِ بنياد ??هي.