اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف معاشري ۾ عدم بر??اشت جي خاتمي ۽ ڀائيچاري جي فروغ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي جي لاءِ مذهبي رواداري ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي اصولن جي ترويج تمام ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن دائود?? بوهرا بر??دري جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن هتي دائود?? بوهرا ڪميونٽي جي روحاني پيشوا ڊاڪٽر سيدنا مفدل سيف الدين جي نمائندي ڪوميل يونس جي سربراهي ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته دائود?? بوهرا بر??دري جي پاڪستان جي لاءِ تمام گهڻيون خدمتون آهن، دائود?? بوهرا بر??دري هڪ پرامن جماعت آهي ۽ ان جا فلاحي جا ڪم متاثر ڪندڙ آهن. وزيراعظم چيو ته مذهبي رواداري ۽ بر??اشت پاڪستان جي باني قائداعظم جا اهي پراڻا اصول هئا جيڪي پاڪستان جي بنياد جو حصو آهن ۽ پاڪستان جي موجوده پرڏيهي پاليسي انهن جي ئي مظهر آهي. هن چيو ته معاشري ۾ موجود عدم بر??اشت جي خاتمي ۽ ڀائيچاري جي فروغ لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم پاڪستان ۾ مذهبي هم آهنگي جي فروغ ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ ت?? بوهرا بر??دري جي ڪردار کي ساراهيو. هن دائود?? بوهرا بر??دري کي ٻوڏ متاثرين جي مدد ۾ وڌي چڙهي حصو وٺڻ جي دعوت ڏني. ان موقعي تي وفد وزيراعظم کي پنهنجي سمورن منصوبن ۾ سولر توانائي جي استعمال بابت ٻڌايو جنهن جي صلاحيت 6 ميگاواٽ آهي، وزيراعظم انهن جي ان قدم کي ساراهيو.