اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي ڪ??بينا فيملي ويزٽ ويزا جي توسيع جو مدو هڪ سال مان وڌائي 2 سال ڪرڻ ۽ توانائي جي موثر استعمال ۽ تحفظ جي قدمن تي عملدرآمد جي روڊ ميپ جي حوالي سان مختصر، وچولي ۽ ڊگهي مدي و??ري حڪمت عملي جي تياري جي لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته توانائي جي بچت جي حوالي سان عوام جي لاءِ آگاهي مهم شروع ڪئي وڃي، بجلي چوري ۽ لائين لاسز جي روڪٿام لاءِ ايندڙ هفتي تفصيلي بريفنگ ڏني وڃي، ٿرڪول منصوبي سان توانائي جو درآمدي بل 24 ارب ڊالر تائين گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. وفاقي ڪ??بينا جو اجلاس وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيو. وفاقي ڪ??بينا سوات ۾ اسڪول بس تي فائرنگ جي و??قعي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ واقعي ۾ شهيد ٿيندڙن جي لاءِ فاتحه خواني ۽ زخمي ٻارن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي. وزيراعظم ٿر جي دوري جو ذڪر ڪندي چيو ته ٿرڪول پراجيڪٽ جي ذريعي سستي بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي، ماضي ۾ ا?? منصوبي جي حوالي سان غير ضروري دير ڪئي و??ي جيڪا ڪنهن قومي الميي کان گهٽ نه آهي پر هاڻي اهو منصوبو اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ان پراجيڪٽ جي ڪ??ي 24 بلين ڊالرز جي توانائي جي درآمدي بل کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم ان حوالي سان ڪم ڪندڙ سمورين لاڳاپيل ڌرين کي خراج تحسين پڻ پيش ڪيو ۽ چيو ته ايندڙ هفتي ان پراجيڪٽ جي حوالي سان هڪ اهم جائزه اجلاس پڻ گهرايو ويندو. وفاقي ڪ??بينا هائوسنگ اينڊ ورڪس واري و??ارت جي سفارش تي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي لاهور رجسٽري جي لاءِ نابهه روڊ لاهور تي موجود 23 ڪينال زمين سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کي الاٽ ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪ??بينا گهرو وزارت جي سفارش تي ڀوٽان، مالديپ، نيپال، روانڊا، بيلاروس ۽ سلواڪيه کي بزنس ويزا لسٽ ۾ شامل ڪري ڇڏيو ته جيئن انهن ملڪن سان ڪاروباري لاڳاپن کي فروغ ڏئي سگهجي. وفاقي ڪ??بينا گهرو وزارت جي سفارش تي فيملي ويزٽ ويزا ۾ توسيع جو مدو هڪ سال مان وڌائي ٻه سال ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. گهرو وزارت جي سفارش تي وفاقي ڪ??بينا پرڏيهي و??ارت کان تصديق ٿيل ٽريول/ عارضي دستاويزن تي 30 ڏينهن جو ناقابل توسيع فيملي ويزٽ ڪيٽيگري سنگل انٽري ويزا جاري ڪ??ڻ جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي. گهرو وزارت جي سفارش تي وفاقي ڪ??بينا پاڪستان آن لائين ويزا سسٽم ۾ درخواستگذار جي قيام جي جڳهه ۽ پتو، اسپانسر جي لازمي تفصيلن سميت ممڪنه انٽري پورٽ/ بارڊر/ ايئرپورٽ، جڳهه ۽ رابطي جي تفصيلن جي اضافي جي منظوري ڏئي ڇڏي. سي پيڪ منصوبن کانسواءِ نجي ماڻهن جي لاءِ به اهي تفصيل لازمي هوندا. بزنس ويزا جي صورت ۾ اسپانسر جي رابطي جا تفصيل لازمي ٿي سگهن ٿا. وزيراعظم توانائي و??ري و??ارت (پاور ڊويزن) پاران پيش ڪيل توانائي جي موثر استعمال ۽ بچت جي قدمن تي عملدرآمد جي روڊ ميپ جي حوالي سان دفاع واري وفاقي و??ير خواجه مح??د آصف جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي. ڪميٽي جي ميمبرن ۾ واپار وارو وفاقي و??ير سيد نويد قمر، صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي و??ير سيد مرتضيٰ محمود، ريلوي و??رو وفاقي و??ير خواجه سعد رفيق، منصوبابندي و??رو وفاقي و??ير احسن اقبال، قانون وارو وفاقي و??ير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير مريم اورنگزيب، ماحولياتي تبديلي و??ري وفاقي و??ير سينيٽر شيري رحمان، سيڙپڪاري بورڊ وارو وفاقي و??ير چوڌري سالڪ حسين شامل هوندا. اها ڪميٽي ان تجويز ڪيل پلان جو جائزو وٺندي ۽ ان حوالي سان ڊگهي مدي، وچولي مدي ۽ مختصر مدي و??ري حڪمت عملي جوڙيندي. وزيراعظم چيو ته توانائي جي بچت جي حوالي سان عوامي آگاهي انتهائي ضروري آهي ۽ ان سلسلي ۾ مناسب آگاهي مهم شروع ڪئي وڃي. وزيراعظم توانائي و??ري و??ارت (پاور ڊويزن) کي هدايت ڪئي ته بجلي چوري، لائين لاسز ۽ ان جي تدارڪ جي حوالي سان ايندڙ هفتي تفصيلي بريفنگ ڏني وڃي. وفاقي ڪ??بينا اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جي 30 سيپٽمبر 2022ع ۽ 10 آڪٽوبر 2022ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي.