اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ترڪيه سدائين مشڪل جي گهڙيءَ ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي آهي، ترڪيه پاران موڪليل 50 ٻيڙين سان سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ڦاٿل سوين ماڻهن کي منتقل ڪرڻ ۾ مدد ملي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪ هلال احمر جي خيرسگالي سفير اسماع??ل حقي ترنڪ ۽ پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير مهمت پيڪاسي تي ٻڌل ترڪي جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم مشڪل جي گهڙيءَ ۾ ترڪيه پاران يڪجهتي جي اظهار کي ساراهيو ۽ چيو ته 2005ع جي زلزلي ۽ 2010ع جي ٻوڏ کانپوءِ جي صورتحال وانگر تازي ٻوڏ کانپوءِ به ترڪيه پاڪستان جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي، ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امدادي سامان جون ٽرينون موڪلڻ تي صدر رجب طيب اردوان ۽ ترڪيه جي عوام جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته ترڪيه پاران امدادي ڪار??وا??ن جي لاءِ ??وڪليل 50 ٻيڙين سان سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ڦاٿل سوين ماڻهن کي منتقل ڪرڻ ۾ مدد ملي آهي. اسماع??ل حقي ترنڪ ملڪ ۾ تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ جاني نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن ٻوڏ متاثرين جي ريسڪيو ۽ ريليف جي لاءِ ??ڪمل مدد ۽ بحالي جي عمل ۾ مسلسل حمايت جو يقين ڏياريو. وفد جي ميمبرن وزيراعظم کي ٻڌايو ته اهي امدادي سامان ۽ خدمتن جي فراهمي ۽ نقصانن جو جائزو وٺڻ لاءِ ??وڏ کان متاثر علائقن جو دورو ڪندا. وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ متاثرين سان يڪجهتي جي اظهار تي ترڪ هلال احمر جا ٿورا مڃيا.