اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علو?? انش??رن?? ڪمپنين ۽ ٻين ڌرين تي زور ڏنو آهي ته آبادگارن جي سهولت لاءِ فصل ج?? انش??رن?? جو خودڪفيل ماڊل تيار ڪيو وڃي، ميڊيا جي ذريعي آبادگارن کي فصل انش??رن?? بابت آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ فصل ج?? انش??رن?? بابت ڌرين جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ سينيٽر ثانيه نشتر، پنجاب جي زراعت واري وزير سيد حسين جهانيان گرديزي، وفاق?? انش??رن?? محتسب ڊاڪٽر محمد خاور جميل ۽ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪ??تا??، نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي، انش??رن?? ڪمپنين جي نمائندن ۽ ٻين شرڪت ڪئي. صدر چيو ته آبادگارن جي لاءِ هڪ مڪمل سوچيل سمجهيل، عملي ۽ دوستاڻي ٺوس حڪمت عملي طئي ڪئي وڃي جنهن جي لاءِ نجي ۽ سرڪاري شعبن جي سمورين ڌرين سان مشاورت کانپوءِ آبادگارن کي آسان طريقيڪار تحت فصل ج?? انش??رن?? جي سهولت فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته آبادگارن کي فصل جي خرابي ۽ انساني ساخته ۽ قدرتي آفتن سان فصل جي نقصان کان بچائڻ پاڪ??تا?? جي لاءِ غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ تمام ضروري آهي ڇو ته زراعت پاڪ??تا?? جي معيشت جو سڀ کان وڏو شعبو آهي ۽ اسان جي آبادي جي هڪ وڏ?? انگ جو سڌي طرح ۽ اڻ سڌي طرح دارومدار ان شعبي تي آهي. صدر چيو ته پاڪ??تا?? انهن 10 ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي گلوبل وارمنگ سان پيدا ٿيندڙ قدرتي ا??تن جو سڀ کان وڌيڪ خطرو رکن ٿا ۽ ان رجحان جي ڪري آبادگارن کي بار بار ٻوڏ، ڊگهي سوڪهڙي، غيرمتوقع موسمي حالتن ۽ جيتن جي حملن جي ڪري اڪثر نقصانن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. هن هڪ جديد ترين سيٽلائيٽ اميجري تي ٻڌل موسم جي اڳڪٿي جو نظام قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو جيڪو صحيح اڳڪٿي خاص طور تي ٻوڏ بابت ق??مت?? ۽ مستنند ڊيٽا فراهم ڪرڻ جي قابل هجي ته جيئن آبادگارن کي فصل جي تباهي کان بچڻ جي لاءِ ق??مت?? معلومات ملي سگهي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته فصل ج?? انش??رن?? جي حوالي سان عمل جوڳو حل تجويز ڪرڻ جي لاءِ مختلف ڌرين جو هڪ فني ورڪنگ گروپ جوڙيو ويندو.