اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) بين الپارلياماني يونين (آءِ پي يو) جي ايشيا پيسفڪ ريجن جي ميمبر ملڪن جو ٽيون ٻن ڏينهن وارو سيمينار (اڄ) اڱاري کان پارليامينٽ هائوس ۾ شروع ٿيندو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مهمانن جي آجيان، انهن جي لاءِ قومي اسيمبلي هال ۾ سيٽون مخصوص ڪرڻ سميت سڀني انتظامن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا جي نم??ئندن لاءِ پارليامينٽ هائوس ۾ داخلا جي حوالي سان قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پي آر اي جي مشاورت سان فيصلو ڪيو آهي ته قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران قومي اسيمبلي جي 43 هين س??شن جي لاءِ جاري ڪارڊز ??ارائتا هوندا. ان کانسواءِ اسلام آباد ۾ رهندڙ فارن ميڊيا جي نم??ئندن، ايڊيٽرز، بيورو چيف، اينڪر پرسنز ۽ ڪالم نگارن کي جن جون ايس ڊي جيز تي لکڻيون آهن ۽ انهن وٽ قومي اسيمبلي جي 43 هين اجلاس جا ڪارڊز موجود نه آهن کي خصوصي ڪارڊز ذريعي گهرايو ويو آهي. سيمينار جي افتتاحي تقريب 13 سيپٽمبر صبح 10 وڳي قومي اسيمبلي هال م ٿيندي جنهن جو خاص مهمان وزيراعظم محمد شهباز شريف هوندو. سيمينار جي پڄاڻي واري تقريب 14 سيپٽمبر ٽپهر 3 لڳي 15 منٽن کان 4 وڳي قومي اسيمبلي هال ۾ ٿيندي. ان کانسواءِ ان ٻن ڏينهن واري سيمينار ۾ مختلف موضوعن تي بريڪ آئوٽ س??شن ٿيندا. ايس ڊي جيز تي آءِ پي يو ايشيا پيسفڪ ريجن جي ميمبر ملڪن کي ان سيمينار جي شرڪت ڪندڙن کي پاڪستان ۾ تاريخ جي بدترين ٻوڏ جي تباهين ۽ ان سان پيدا ٿيندڙ صورتحال کان آگاهه ڪيو ويندو، جنهن جو بنيادي سبب عالمي موسمياتي تبديليون آهن جن??ن سان پاڪستان بري طرح متاثر ٿيو آهي.