غذر – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف گلگت بلتستان جي علائقي بوبر، غذر جو دورو ڪيو ۽ برسات ۽ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن سان ملاقات ڪئ??. وزيراعظم کي غذر ۾ برساتن ۽ بوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن ۽ امدا??ي ڪاررواين تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هتي 17 ماڻهو ??وت ٿيا، 249 گهر تباهه ٿيا جڏهن ته 794 چومايو مال مري ويو آهي ان سان گڏ وسيع زرعي زمين ۽ باغن کي به نقصان پهتو آهي. ان موقعي تي اڳوڻو وڏو وزير حافظ حفيظ الرحمان، وزيراعظم جو ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن ??ارو صلاحڪار قمر زمان ڪائره پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.