اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??يو آهي ته ٻارڙين جي تعليم ۽ تربيت خصوصي اهميت رکندڙ آهي، ڪو به معاشرو عورتن جي شموليت کانسواءِ ترقي نه ٿو ڪري سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي ڊائمنڊ جوبلي آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي يتي?? ٻارڙين جي اداري ڪاشانه ۾ تقريب ??ي خطاب ڪندي ڪيو. هن ??يو ته حضور ﷺ عيد جي موقعي تي يتي?? ٻارن جي مٿان هٿ رکيو، پاڻ ﷺ ٻارن تي خاص شفقت فرمائيندا ۽ پنهنجي طرز عمل سان سبق ڏنو ته بي سهارا ٻارن تي الله ۽ ان جي رسول ﷺ جي ڇانوَ آهي. صدر ??يو ته ٻارن جي سٺي تعليم ۽ تربيت پاڪستان جي لاءِ انتهائي اهم آهي، آئون آزادي جي ڏهاڙي جون خوشيون يتي?? ٻارن سان ملهائڻ جو خواهشمند هئس. هن ??يو ته آزادي جي خوشي جي موقعي تي يتيم ۽ بي سهارا ٻارن سان گڏ آهيون. ٻار اسان جو مستقبل آهن، پنهنجي تعليم تي ڀرپور ڌيان ڏين، ٻارڙين جي تعليم ۽ تربيت خصوصي اهميت رکندڙ آهي، ٻارڙيون ڀرپور محنت ڪن ۽ پنهنجو ۽ پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪن. ڊاڪٽر عارف علوي ??يو ته ڇوڪرين جي تعليم جو اهتمام پاڪستان جي لاءِ تمام ضروري آهي، قائداعظم محمد علي جناح عورتن جي برابري جي تلقين ڪئي.