اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 22 اپريل تي پنجگور ۾ شهيد ٿيندڙ ميجر شاهد بشير جي والده سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيد کي عظيم قرباني تي خراج ع??يد?? پيش ڪيو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر سان ڳالهائيندي شهيد جي والده چيو ته وطن جي ??اطر هڪ ٻيو پٽ به شهادت لاءِ موڪلڻ چاهيان ٿي. صدر عارف علوي 22 اپريل تي اتر وزيرستان ۾ سرحد پار حملي جي ??هيدن جي پوئينرن سان به تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر حوالدار تيمور، سپاهي ثاقب نواز ۽ نائيڪ محمد شعيب جي وارثن سان ٽيليفون تي افسوس جو اظهار ڪيو. صدر شهيدن جي قربانين کي خراج ع??يد?? ۽ وارثن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. صدر شهيدن جي ??لند د??جن، وارثن کي پيارن جي ??دائي جو ڏک برداشت ڪرڻ جي همت لاءِ به دعا ڪئي.