اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ازبڪستا?? جي وچ ۾ ريلوي، سيڪيورٽي، ترجيحي واپاري معاهدي، موسمياتي تبديلي سميت 8 مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون آهن. وزيراعظم عمران خان ۽ ازبڪستان جو صدر شوڪت مرزايوف پڻ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيح?? جي موقعي تي موجود هئا. پاڪستان ازبڪستان ايم او يوز جي حوالي سان جاري ڪيل گڏيل پڌرنامي موجب ازبڪستا?? جي قومي ٽيليويزن ۽ ريڊيو ڪمپني ۽ پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريش?? جي وچ ۾ ٽيليويزن ۽ ريڊيو براڊ ڪاسٽنگ جي شعبي ۾ تعاو?? جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي پاڪستان پاران اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد ح??ين جڏهن ته ازبڪستا?? جي ثقافت واري وزير اوزود بيڪ نيزابيڪوف صحيحون ڪيون. ازبڪستا?? جي سياحت ۽ اسپورٽس واري وزارت ۽ پاڪستا?? جي مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت جي وچ ۾ مذهبي زيارت?? جي سياحت جي فروغ لاءِ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. پاڪستان پاران مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نورالحق قادري جڏهن ته ازبڪستا?? جي پرڏيهي معاملن واري وزير عبدالعزيز ڪاميلوف صحيحون ڪيون. ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ ماحوليات ۽ موسمياتي تبديلي جي شعبي ۾ تعاون تي مفاهمت جي ياداشت تي پاڪستان پاران وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي واري خاص معاون ملڪ امين اسلم ۽ ازبڪستا?? جي نائب وزيراعظم ۽ سيڙپڪاري ۽ پرڏيهي واپار واري وزير سردار عمر زاڪوف صحيحون ڪيون. ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ ترجيحي واپاري معاهدي تي واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود پاڪستان جڏهن ته سردار عمر زاڪوف ازبڪستان پاران صحيحون ڪيون. ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ سيڪيورٽي جي شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ روڊ ميپ تي پڻ صحيحون ڪيون ويون. پاڪستا پاران قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف جڏهن ته ازبڪستا?? جي سلامتي ڪائونسل واري سيڪريٽري ويڪٽر مخمودوف صحيحون ڪيون. ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ ريلوي واري وزارت ۽ ازبڪستا?? جي ٽرانسپورٽ واري وزارت جي وچ ۾ پڻ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ٿيون. پاڪستان پاران پاڪستان ريلويز جي سيڪريٽري ۽ چي??رم??ن حبيب الرحمان گيلاني جڏهن ته ازبڪستان پاران ٽرانسپورٽ واري وزير الخوم مخڪاموف صحيحون ڪيون. تاشقند سٽي ۽ اسلام آباد سٽي جي انتظاميا جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي پڻ صحيحون ڪيون ويون. پاڪستان پاران ايڊمنسٽريٽر ايم سي آئي حمزه شفقات جڏهن ته پاڪستان ۾ ازبڪستا?? جي سفير اوبڪ عثمانوف صحيحون ڪيون. ان کانسواءِ ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ ازبڪستا?? جي علائقي سرخندريه ۽ پاڪستا?? جي خ??بر??ختونخواهه صوبي جي وچ ۾ تعاون تي مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون. پاڪستان پاران خ??بر??ختونخواهه جي صنعت واري سيڪريٽري ذوالفقار علي شاهه جڏهن ته ازبڪستان پاران پاڪستان ۾ ازبڪ سفير اوبڪ عثمانوف صحيحون ڪيون.