اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته حڪومت ۽ عدليه جي وچ ۾ مسئلن جي حل ۽ مشاورت جي لاءِ ??ڪ فورم هجڻ گهرجي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ 233 ارب رپين جا ڪيس التوا هيٺ آهن، اهو ڪنهن شخص جو ذاتي نه پر ملڪ جو پئسو آهي، انهن ڪيسن جي حوالي سان چيف ??سٽ?? اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ ر??سٽ??ار سان سٺي ماحول ۾ ملاقات ٿي، چيف ??سٽ?? اطهر من الله بهتر مشورا ڏنا. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وف??قي وزير چيو ته اڄ ايف بي آر ??يئ??مين سان گڏ اسان جي چيف ??سٽ?? اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ ر??سٽ??ار سان سٺي ماحول ۾ ملاقات ٿي، ملاقات دوران ايف بي آر ??يئ??مين 13 ڪيسن کي وڌيڪ اهم قرار ڏنو آهي. اطلاعات واري وف??قي وزير چيو ته ??سٽ?? اطهر من الله پاڪستان جي ڪجهه وڏن ججن مان آهي. هن پاڪستان جي خوشحالي طرف هڪ وڏو قدم کنيو آهي. هن چيو ته اميد آهي ب??قي عدالتون به اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي پوئيواري ڪنديون. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وف??قي وزير چيو ته وصولين بابت ڪيس هاءِ ڪورٽ نه، ايف بي آر جي وڪيلن جي ڪري ڦاٿل آهن. هن چيو ته حڪومت ۽ عدليه جي وچ ۾ مسئلن جي حل ۽ مشاورت جي لاءِ ??ڪ فورم هجڻ گهرجي. اطلاعات واري وف??قي وزير چيو ته يقيني طور تي ايف بي آر ??يئ??مين اجلاس ۾ ڏنل تجويزن مان فائدو کڻندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان عدم اعتماد جي رٿ جي حوالي سان تيار آهيون، پر لڳي ٿو مخالف ڌر پاران عدم اعتماد جي رٿ اچڻي نه آهي.