اسلام آباد – پهرين فيبروري (اي پي پي) پرڏ??هي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي نيول هيڊڪوارٽر اسلام آباد جو دورو ڪيو ۽ پاڪ بحريه جي سربراه?? ايڊمرل محمد امجد خان نيازي سان ملاقات ڪئي. پاڪ بحريه جي ترجمان موجب ملاقات دوران علائقائي ميري ٽائيم سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏ??هي وزير کي پاڪستان جي ميري ٽائيم سيڪيورٽي چئلينجز ۽ پاڪ بحريه جي ڪردار تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ترجمان موجب ان موقعي تي پرڏ??هي وزير پاڪ بحريه جي آپريشنل تيارين تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ اڀرندڙ ميري ٽائيم چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪ بحريه کي هر ممڪن حڪومتي تعاون جي خاطري ڪرائي. پرڏ??هي وزير ملڪي معيشت ۾ ميري ٽائيم سيڪيورٽي جي اهميت ۽ ان حوالي سان پاڪ بحريه جي ڪردار کي ساراهيو. هن سامونڊي سفارتڪاري جي ذريعي پاڪستان جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ تي پاڪ بحريه کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. امير البحر نيول هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪرڻ تي پرڏ??هي وزير جا ٿورا م??يا. هن چيو ته پاڪ بحريه سدائين پنهنجي ملڪي سامونڊي سرحدن ۽ سامونڊي مفادن جو تحفظ جاري رکندي.