اسلام آباد – 19 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عوام کي صحت لاءِ محفوظ کير سميت کاڌي پيتي جي شين جي فراهمي تي زور ڏيندي ??يو آهي ته معياري مصنوعات جي تياري اولين ترجيح هجڻ گهرجي، حڪومت لائيو اسٽاڪ ۽ ڊيري جي شعبي سان ڀرپور تعاون ڪيو آهي، وڌندڙ آبادي سان گڏ صحت، تعليم ۽ روزگار جي فراهمي تي به ڌيان ڏيڻو پوندو، آبادي ۾ اضافي کي نظر ۾ رکي زرعي پيداوار وڌائڻ لازمي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن”محفوظ کير تي قومي مڪالمي“ کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب جو اهتمام پاڪستان ڊيري ايسوسيئيشن نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وزارت جي حصيداري سان ڪيو هو. تقريب ۾ وفاقي وزير سيد فخر امام، خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي، پنجاب فوڊ اٿارٽي جي چيئرمين عمر تنوير ۽ پاڪستان ڊيري ايسوسيئيشن جي عهديدارن شرڪت ڪئي. صدر ??يو ته اسان پنهنجي ٻارن جي صحت سان ٺاهه نه ٿا ڪري سگهون، کير ۽ ڊيري مصنوعات جي پيداوار وڌائڻ ج?? لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. هن ??يو ته پاڪستان کير پيدا ڪندڙ ملڪن ۾ سرفهرست آهي، کير کي محفوظ بڻائڻ ج?? لاءِ ڪيترائي طريقا لاڳو آهن. صدر ??يو ته قومي مڪالمي کي خطاب ان لاءِ ا??زا?? جو سبب آهي، آبادي وڌيڪ هجي ته حڪومت جون ڪيتريون ئي ترجيحون هونيون آهن، وڌندڙ آبادي سان صحت، تعليم ۽ روزگار جي فراهمي تي پڻ ڌيان ڏيڻو پوندو. هن ??يو ته آبادي ۾ اضافي جي ڪري زرعي پيداوار وڌائڻ ضر??ري آهي. هن ??يو ته حڪومت لائيو اسٽاڪ ۽ ڊيري جي شعبي سان ڀرپور تعاون ڪيو آهي ۽ اڳتي به پاڪستان ڊيري ايسوسيئيشن جي تجويزن تي غور ڪنداسين. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??يو ته ملاوٽ هڪ خراب ڪيفيت آهي، معياري ۽ ملاوٽ کان پاڪ شين جي ماڻهن کي فراهمي لازمي آهي. ٻارن، جي اسٽنٽنگ ۽ خوراڪ جي کوٽ جي مسئلي ي ڌيان ڏيڻ ج?? ضر??رت آهي، ماءُ جو کير سڀ کان محفوظ ۽ ضر??ري اهي، ٻارن کي جڏهن مناسب غذا نه ملندي ته ان جو وزن نه وڌندو، کير انهن جي لاءِ هڪ مڪمل غذا آهي، ٻار جي لاءِ ماءُ جي کير کان بهتر ڪا ??وراڪ نه آهي، بهتر صحت جي لاءِ احتياط ۽ پرهيز تي ڌيان ڏيڻ ج?? ضر??رت آهي. صدر ??يو ته ان مقصد جي لاءِ عوام کي آگاهي ڏيڻ گهرجي، ملڪ ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت پڻ مختلف پروگرامن سان ماڻهن کي آگاهي ڏني وئي، اسان احتياط ذريعي بيمارين جو تدارڪ ڪري سگهون ٿا.