اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان ۽ عمان مذهبي ۽ ثقافتي ??ڪجهڙائي ۾ ڳنڍيل آهن، ٻئي ملڪ پنهنجي جاگرافيائي ويجهڙائي کي سامهون رکندي اقتصادي ۽ واپا??ي ??عاون کي فروغ ڏيڻ ۽ سياحت جي شعبي ۾ گڏيل تعاون جي فروغ لاءِ قدم کڻي سگهن ٿا، پاڪستان عمان لاءِ وچ ايشيائي رياستن تائين گيٽ وي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عمان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽ??ي ??ي چيئرمين انجنيئر ريڌا الصالح جي قيادت ۾ واپاري وفد سان پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ اقتصادي لاڳاپن جي فروغ لاءِ اوپاري ماپو وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي چيمبرز آف ڪامرس جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو، سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو ته عمان واپا??ي ??رگرمين لاءِ پاڪستان کي يورپي ملڪن تائين پهچ ڏئي سگهي ٿو، هن چيو ته تعليم ۽ ٻي?? شعبن ۾ به ٻطرف?? رابطن کي وڌيڪ استحڪام ڏئي سگهجي ٿو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عالمي سطح تي ??ثالي تعاون هڪ ٻي تي ڀرپور اعتماد کي ظاهر ڪري ٿو، عالمي سطح تي ??ختلف فورمن تي ??نهي ملڪن ۾ بهتر مدد ڏسڻ ۾ آئي آهي، هن چيو ته پاڪستان جي سينيٽ ۽ عمان جي وچ ۾ اداره جاتي تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ تاريخي گڏيل مفاهمت جي يادداشت تي به صحيحون ڪيون ويون آهن، سينيٽ چيئرمين چيو ته عماني واپاري پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن، پاڪستان ۾ غير ملڪي سيڙپڪارن لاءِ ماحول سازگار آهي، پاڪستان غير ملڪي سيڙپڪا??ي ??ي فروغ لاءِ خصوصي اقتصادي ۽ ٽيڪنالاجي زونز قائم ڪيا آهن، حڪومت عماني واپارين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي. واپاري وفد جي دو??ي ??ان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ۽ عمان پنهنجي اقتصادي تعاون کي وڌيڪ اڳتي ??ڌائين، عمان جا سيڙپڪار ماڻهو گوادر ۾ سيڙپڪا??ي ??ي موقعن مان فائدو کڻن. ان موقعي تي عماني وفد مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي سگهه ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. سينيٽ چيئرمين وفد جي اعزاز ۾ مانجهاندو به ڏنو. ملاقات ۾ سينيٽرز حافظ عبدالڪريم، دلاور خان، منظور احمد ڪاڪڙ، ڪهده بابر، ذيشان خانزاده، فيصل سليم ۽ سينيٽ سيڪريٽري قاسم صمد خان به شريڪ هئا.