اسلام آباد – 31 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آ??ي ته ڪورونا وائرس کان بچاءُ لاءِ جاري ويڪسينيشن جو هڪ ٻيو سنگ ميل عبور ڪيو ويو آهي. فرخ حبيب پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته 2021ع جي پڄاڻي تي سڄي ??لڪ سميت آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ رهندڙ 7 ڪروڙ ماڻهن جي ويڪسينيشن مڪمل ٿيڻ خوش آئينده ڳالهه آهي، مملڪتي وزير چيو ته اين سي او سي و??اق?? صوبن ۽ ادارن جي وچ ۾ تعاون جي بهترين مثال قائم ڪيو آهي.