اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد چيو آه?? ته پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي وقار کي بحال ڪرڻ لاءِ سموريون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. اها ڳالهه هن هتي پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (پي بي سي) ۾ ڪرسمس جي تقريبن جي سلسلي ۾ منعقد ڪيڪ ڪٽڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد ان ??وقعي تي مسيحي برادري کي ڪرسمس جي مبارڪباد ڏني، هن ريڊيو پاڪستان ??ي ڊائريڪٽر جنرل محمد عاصم ڪڇي جي اداري جي بهتري لاءِ ڪيل مخلصاڻي ڪوششن جي به واکاڻ ڪئي، ان کان اڳ ڊائريڪٽر جنرل ريڊيو پاڪستان چيو ته اسلام امن جو مذهب آه?? ۽ بين المذاهب هم آه??گي ۽ سڀني لاءِ مذهبي روايتن جي آزادي جو درس ڏي ٿو. هن پاڪستاني مسيحي برادري کي ملڪ جي ترقي لاءِ شاندار خ??مت??ن سرانجام ڏيڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو، ان ??وقعي تي بشپ طارق جان چيو ته مسيحي برادري ملڪ جي خوشحالي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي ?? ڪيڪ ڪٽڻ جي تقريب جي انعقاد تي پي بي سي جو ٿورو ادا ڪيو. تقريب ۾ مسيحي برادري کانسواءِ ريڊيو پاڪستان جي ملازمن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي، ان ??وقعي تي گيت به پيش ڪيا ويا ۽ ملڪي ترقي، سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعا ڪئي وئي.