اسلام آباد – 22 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ملڪي معيشت ترقي جي راهه تي گامزن آهي، حقيقتون هي آهن ته مالي سا?? جي پهرين ٽه ماهي ۾ غير ملڪي مٽاسٽا جو ناڻو 12.5 سيڪڙو اضافي سا?? 8 ارب ڊالر، روانگي واپار 38 سيڪڙو جي اضافي سا?? 7 ارب ڊالرز آهي، 30 سا??ن کانپوءِ ڪنهن وزيراعظم زراعت تي ڌيان ??نو آ??ي جنهن سا?? پاڪستان فوڊ سيڪيورٽي ۾ سرپلس ٿيڻ وڃي رهيو آهي.
پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ايف بي آر پهرين ٽه ماهي ۾ 38 سيڪڙو اضافي سا?? 1395 ارب جون ٽيڪس وصوليون ڪيون، هن چيو ته ٽيڪسٽائيل روانگي واپار 28 سيڪڙو اضافي سا?? 4.437 ارب ڊالر آهي، آءِ ٽي جي روانگي واپار ۾42.7 سيڪڙو اضافي سا?? 635 ملين ڊالر جو اضافو ٿيو آ??ي جڏهن ته لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ ۾ جولاءِ آگسٽ جي پهرين ٻن مهينن ۾ 7.5 سيڪڙو اضافو ٿيو، هن چيو ته خريف جي فصلن ۾ شروعاتي اطلاعن موجب ڪمند جي پيداوار ۾ 25 سيڪڙو اضافو، مڪئي 18 سيڪڙو اضافو، ڪپهه 60 سيڪڙو، چانور 18 سيڪڙو اضافو متوقع آهي، انشاءُ الله ڪڻڪ جي آئينده پيداوار ۾ به رڪارڊ اضافو ٿيندو.