اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت گئس ۽ معدنيات جي شعبن تي ڌيان ڏيڻ کانسواءِ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي معيشت جي ترجيحي شعبن ۾ سيڙ??ڪا??ي جي ترغيب ڏئي رهي آهي، سيڙ??ڪا??ن کي متوجهه ڪرڻ لاءِ سڌارن جي عمل کي تيز ڪيو وڃي، سرڪاري م??ڪيتي ڪاروباري ادارن کي بهتر بڻايو وڃي، ڪاروبار ۾ آساني کي يقيني بڻايو وڃي ۽ روانگي واپار ۾ واڌ ۽ درآمدات جو متبادل ڳوليو وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار هتي م??ڪ ۾ معاشي تبديلي لاءِ وڏن شعبن ۾ حڪومتي سڌارن جو جائزو وٺڻ لاءِ اقتصادي مشاورتي ڪائونسل جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو ته اقتصادي مشاورتي ڪائون??ل طرفان سڌارن جي لاءِ 14 ترجيحي شعبن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ته جيئن ايندڙ ٽن سالن ۾ جي ڊي پي جي واڌ جي شرح کي 6 سيڪڙو ۽ جي ڊي پي ۽ سيڙ??ڪا??ي جي تناسب سان موجوده 15 سيڪڙو کان وڌائي 20 سيڪڙو تائين وٺي وڃي سگهجي. انهن 14 شعبن ۾ مالي استحڪام ۽ پائيدار ترقي، گهر ۽ تعميرات، مالياتي شعبو ۽ قرضن جو انتظام، نجڪاري، گهريلو واپار، گردشي قرض، انفارميشن ٽيڪنالاجي، صنعتڪاري، توانائي ۽ پيٽروليم، خرچا، زراعت، سي پيڪ، قيمتن جو استحڪام ۽ سماجي تحفظ شامل آهن. وزيراع??م ان ڳالهه تي زور ڏنو ته حڪومت خاص طور تي گئس ۽ معدنيت جي شعبن تي ڌيان ڏيڻ کانسواءِ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي معيشت جي ترجيحي شعبن ۾ سيڙ??ڪا??ي جي ترغيب ڏئي رهي آهي، وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو سيڙ??ڪا??ن کي متوجهه ڪرڻ لاءِ سڌارن جي عمل کي تيز ڪري، سرڪاري م??ڪيتي ڪاروباري ادارن کي بهتر بڻائين، ڪاروبار ۾ آساني کي يقيني بڻائين، برآمدات ۾ نواڻ ۽ درآمدات جو متبادل ڳولين.