اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وار?? مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ??يپ??زپارٽي مجموعي طور 32 سيڪڙو، مسلم ليگ (ن) 56 سيڪڙو جڏهن ته موجوده حڪومت ٽن سالن ۾ 21 سيڪڙو قرض ورتو، حڪومت ساليانو 3 هزار ارب روپيا قرض ادا ڪرڻ لاءِ ڏئي رهي آهي. موجوده حڪومت ??يپ??زپارٽي ۽ ن ليگ جي ورتل قرضن کي واپس ڪ??ي رهي آهي، جيڪڏهن بجيٽ مان قرضن تي وياج جي ادائيگي ڪڍون ته حڪومت جو پرائمري بيلنس سرپلس ۾ آهي، يعني بجيٽ موجب حڪومتي آمدني خرچن کان وڌيڪ آهي. اطلاعات ۽ نشريات وار?? مملڪتي وزير فرخ حبيب بلاول زرداري جي بيان تي پنهنجي رد ع??ل ۾ چيو ته 2008ع ۾ ٻاهريان قرض 46 بلين ڊالر هئا جيڪي 2013ع تائين وڌي ڪري 60.09 ملين ڊالر هئا، ??يپ??زپارٽي جي دور ۾ ٻاهرين قرضن ۾ 32 سيڪڙو اضافو ٿيو، 2013ع کان 2018ع تائين ملڪ جا ٻاهريان قرض 95.24 بلين ڊالر هئا، مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ ٻاهرين قرضن ۾ 56 سيڪڙو اضافو ٿيو، موجوده حڪومت مارچ 2021ع تائين مجموعي قرضن جو 21 سيڪڙو قرض ورتو، موجوده حڪومت ??يپ??زپارٽي ۽ ن ليگ جي ورتل قرضن کي واپس ڪ??ي رهي آهي. هن چيو ته سڀئي ??ام??ابيون وزيراعظم عمران خان جي دانشمنداڻي پاليسين ۽ فيصلن جي ڪري حاصل ٿيون آهن.